هاءِ ويز تي ٽول ٽئڪس وڌائي سنڌ ۽ بلوچستان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي: سينيٽ ۾ احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ۽ پنجاب ۾ موٽر وي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، نيشنل هاءِ وي جي ٽيڪسن ۾ واڌ تي سنڌ جو وڏو اعتراض سامهون اچي ويو، پيپلز پارٽي جي مرڪز محمد اسلم ابڙو نيشنل هاءِ وي  کي موٽر وي جو نالو ڏيندي ٽيڪس وڌائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽر محمد اسلم ابڙو نيشنل هاءِ وي کي موٽر وي جو نالو ڏيڻ تي ٽيڪسن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته غير منصفانه ٽول ٽيڪس سنڌ کي اعتراض آهي. جيڪب آباد جو عوام جلد مظاهرو ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. سينيٽر اسلم ابڙو چيو ته موٽر وي ٽول ٽيڪس جي نالي تي اربين رپيا اوڳاڙيا پيا وڃن، ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ صوبو بنيادي سهولتن کان محروم آهي. سڄي پنجاب ۾ موٽر ويز جو ڄار وڇايو ويو آهي، لڳي ٿو ته رڳو پنجاب ئي پاڪستان آهي.  سنڌ ۽ بلوچستان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. پ پ جي سينيٽر چيو ته موٽر وي ٽول ٽيڪس جي نالي تي اربين رپين جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، ان معاملي تي پرويز رشيد سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته هو ان کي سي پيڪ ۾ شامل ڪندا.   محمد اسلم ابڙو پڻ سنڌ جي شاهراهن جي حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪشمور کان سيوهڻ ۽ حيدرآباد ڏانهن وڃو ته توهان کي معلوم ٿيندو ته هاءِ وي ٽٽل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.