نئون ديرو ۾ ڦر مزاحمت تي واپاري سنتوش ڪمار قتل

نئون ديرو(رپورٽ : محمد علي جروار) نئون ديرو شهر جي شاهي بازار ۾ نم چوڪ تي قائم ڪرياني جي دوڪان تي ٽي نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي چڙهائي ڪري واپاري سنتوش ڪمار کان لکين روپين جي ڦر ڪرڻ بعد گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. زخمي واپاري کي نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، نئون ديرو اسپتال مان مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول واپاري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. لاش  کي وارث عورتون ۽ مرد چنبڙي زارو قطار روئيندي قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون. واپاري سنتوش ڪمار جي قتل واري واقعي بعد شهر جو سمورو ڪاروبار پاڻ مرادو بند ڪيو ويو. واپاري جي قتل واري خبر شهر ۾ باهه جيان ڦهلجي وئي هندو برادري جا ماڻهون ۽ شهري وڏي انگ اسپتال پهچي ويا. نئون ديرو ۾ هندو واپري جي قتل وارو مامري جو گهرو وزير ضيا الحسن لنجار واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا. گهرو وزير ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي سختي سان هدايتون ڏيندي چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ جلد پوليس ٽيمن کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ نئون ديرو شهر جي واپاري برادري کي اعتماد ۾ وٺي ڪاروباري سرگرميون بحال ڪيون وڃن. ڪيس جي جاچ بابت مجموعي اڳڀرائي رپورٽ روزاني جي بنياد تي آگاهي ڏني وڃي.جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري هندو واپاري سنتوش ڪمار جي قتل جا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ نئون ديرو اسپتال پهچي مقتول جي وارثن ۽ دوڪان تي ڪم ڪندڙ مزدورن کان تفصيل معلوم ڪيا جنهن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو نم چوڪ تي پهچي جاءِ واردات جو جائزو ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪو به ملوث هوندو ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.