سيد زين شاهه سان پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ملاقات،مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي شھر جي مشھور شخصيتن ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ڊاڪٽر جيپال ڇاٻڙيا ۽ پروفيسر منوھر لال، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھه سان سندس رھائشگاھه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امن امان جي حوالي سان ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ  ھڪ متحرڪ ۽ سنڌ دوست سياسي پارٽي جي حيثيت ۾ سندس سياسي ڪردار کي ساراھيندي امن امان جي حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ جي گذارش ڪئي، خاص ڪري ڪنڌڪوٽ، ڪشمور جي سماجي صورتحال جنھن ۾ عام شھرين جو جيئڻ جنجال ٿيڻ، سج لٿي کان پوءِ ڪوبھ ماڻھو پنھنجي گھر کان ٻاھر نھ ڪرڻ جنھن سبب ڪشمور ضلعي جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي ۽ واپارين ۾ وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ جو رجحان پيدا ٿيو آھي، ٻن مھينن کان مٿي ڪشمور جي نوجوان راجيش ڪيسواڻي ۽ ڪنڌ ڪوٽ جي پنجن سالن جي معصوم ٻارڙي رافع ملڪ جي ھڪ مھيني کان گمشدگي ۽ واپارين کي ڏوھارين پاران روزانو ڀتي جون پرچيون موڪلڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ڪو گڏيل لائحھ ٺاھڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انھيءَ سلسلي ۾ اھا صلاح بيٺي تھ سنڌ سطح تي امن بحالي تحريڪ جو بنياد وڌو وڃي، جنھن جي پُٺڀرائي سنڌ جون سڀئي سياسي، سماجي پارٽيون ۽ اھم شخصيتون ڪن. آخر ۾ شرڪت ڪندڙن سانگھڙ ضلعي جي حڪومتي ايم اين اي پاران ٽن مظلوم ھارين جي قتل ۽ 19 زخمي جنھن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آھن جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو تھ ڏوھارين تي سندن سماجي حيثيت کان مٿانھون ٿي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. خواص جي اثر رسوخ کان ٻاھر نڪري انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪيو وڃي تھ جيئن عوام ۾ حڪومت جي ڪريل ساک بحال ٿي سگھي، آءِ جي سنڌ جي ڪمزور موقف جي ندا ڪندي واضع ڪيو ويو تھ اھو مقتولن جي وارثن جو حق آھي تھ ھو بڇ ڏيندڙ ۽ قاتلن جي سرپرستن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.