شهدادڪوٽ ۾ ڌرڻو ، علاوالدين جوڻيجو کي گرفتار ڪريو جا نعرا

شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) چوٽياريون واقعي خلاف شهدادڪوٽ ۾ جوڻيجا برادري جي سڏ تي شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جتي مظاهرين گرفتار ڪيو گرفتار ڪيو قاتل علاوالدين جوڻيجو کي گرفتار ڪيو جا نعرا هنيا، ان موقعي تي اڳواڻن لياقت جوڻيجو، منصور جوڻيجو، محمد علي جوڻيجو، شبير مگسي ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان ٽن معصوم ڳوٺاڻن جا لاش سندن جا وارث سانگهڙ پريس ڪلب جي چوڪ تي رکي انصاف لاءِ واجھائي رهيا آهن پر افسوس ايس ايس پي سانگهڙ واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ  تيار نه آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته افسوس آهي جو هن ڏکائيندڙ واقعي ۾ به سنڌ حڪومت جوابدار ڌر سان گڏ بيٺي آهي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث مک جوابدار علاوالدين جوڻيجو کي گرفتار ڪري مسڪين ڳوٺاڻن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.