پوليس سنڌ حڪومت جي ڪمداري بند ڪري: ثمر حيدر جتوئي

مقصودو رند(ن.ع.آ) سنڌ پوليس سنڌ حڪومت جي ڪمداري بند ڪري ۽ سانگھڙ واقعي جو ڪيس  داخل ڪري جوابدارن  کي گرفتار ڪري اسين سانگھڙ لڳ چوٽياريون واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي اسان شھيدن جي وارثن سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪريون ٿا اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ۽ سينئر نائب صدر محمد ادريس بروھي نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ھنن وڌيڪ چيو ته ھي واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آھي شھيدن جا  وارث گذريل ڏينھن ٽن ڏينھن کان سانگهڙ ۾ لاش روڊن تي رکي احتجاج پيا ڪن پر افسوس ته سنڌ حڪومت ۽ آئي  جي سنڌ خاموش تماشائي بڻيل آھي.

۽ انتظاميا نالي ڪا شيءِ ناھي ايڏو وڏو واقعو پيش آيو آھي پوليس اڃا ايف آئي آر ناھي داخل ڪئي آخر انتظاميا ڪنھن جي ڪمداري پئي ڪري اسان اپيل ٿا ڪريون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ۽ شھيدن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.