علاوالدين جوڻيجو تي ڪيس داخل ٿيڻ تائين لاش کڻڻ کان انڪار، سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو چتاءُ

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگهڙ چوٽياريون واقعي ۾  قتل  ٿي ويلن جي وارثن پاران اڄ پنجين ڏينهن تي به ميرپورخاص چوڪ وٽ  ڌرڻو جاري آهي ڌرڻي ۾ شهيد ٿيل ويلن جا وارث نياڻين ۽ معصوم ٻچن سان گڏ  سخت سيءُ ۾ انصاف جا منتظر آهن، ايس ايس پي سانگهڙ شهيدن جي  وارثن جي مرضي مطابق ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سانگهڙ چوٽياريون واقعي ۾ شهيد  ٿيل جي وارثن پاران ڪالهه چوٿين ڏينهن لاش دفنائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تي وارثن پاران لاش دفنائڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو آهي هوڏانهن  چوٽيار يون واقعي تي اڄ سانگهڙ جي بار ڪائونسل جي وڪيلن پاران اڄ ڇوٿين ڏينهن به  عدالتي ڪاروائين  کان بائڪاٽ  ڪري ڇڏيو  آهي جڏهن ته  سانگهڙ  چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي اڄ ڇوٿين ڏينهن تي شهر ۾ ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي  ڌرڻي ۾ جي ڊي اي سول سوسايٽي شهرين جو وڏو انگ ڌرڻي ۾ شريڪ آهي، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته  جيستائين پ پ ايم اين اي جو نالو ايف  آئي آر ۾ درج نه ڪيو ويندو ته تيستائين  ڌرڻو ختم نه ڪنداسين ڌرڻي سبب سانگهڙ شهر  جا داخلي خارجي رستا بند هجڻ ڪري ٽرانسپورٽ پڻ بند آهين شهيدن سان اظهار همدردي  لاءِ مختلف پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڌرڻي واري هنڌ تي پهتل آهين جڏهين ته ڌرڻو هن وقت به جاري آهي هوڏانهن سانگھڙ جئي  سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ رياض چانڊيو ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پاران  چوٽيارين ۾ شهيد ٿيل ويلن جي ڌرڻي تي پهتا جتي هن مقتولن جي  وارثن سان همددري جو اظهار ڪيو انهي موقعي تي جئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ رياض چانڊيو چيو ته جيڪڏهين اڄ رات مقتولن  جي وارثن موجب ايف آئي آر نه ٿي،  ته سڀاڻ پوري سنڌ  ۾ شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته چوٽياريون جي  شهيدن  آڏو پيپلز پارٽي جا ايم اين اي ايم پي اي مينسٽر به بيوس بڻيل آهين انهي مان اهو  اندازو لڳائي سگهجي ٿو چوٽياريون سانعي جي  قتل ۾ پوري پيپلز پارٽي جي قيادت ملوث آهي تنهن تي هو خاموش آهين ۽  چوٽياريون جي شهيدن کي انصاف ڏيارڻ لاء سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيان ٿو ٻي طرف ميرپور خاص بار ڪاونسل وڪيلن پاران چوٽياريون سانعي جي مقتولن وارثن جي مرضي موجب ايف آر درج نه ٿيڻ خلاف عدالتي ڪاروائين کان بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ۽ وفد جي صورت ۾ سانگهڙ ڌرڻي واري هنڌ پهتا ۽ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ آخري حد تائين گڏ رهڻ ۽ قانون مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهين ٿي ڌرڻي ۾ قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو نياز ڪالاڻي ۽ پي ٽي آئي سابقه ايم اين اي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ذريعن موجب اڄ رات مقتولن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.