ڪراچي (رپورٽر )سنڌ حڪومت واضح ڪيو آهي ته سانگهڙ جي مقتولن سان همدردي آهي، پوليس ثبوت ڏسي ڪيس داخل ڪندي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جو چوڻ هو ته فوتين سان همدردي آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني جي صدارت هيٺ گذريل ڏينھن ٿي گذريو، جڏهن سوالن جو وقت شروع ٿيو ته توانائي وارو وزير ايوان ۾ موجود نه هو ۽ سندس غير موجودگي ۾پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن النجار جواب ڏيڻ شروع ڪيا هئا ته ناصر شاهه ايوان ۾پهتو. ضياءُ لنجار چيو ته پوليس جاچ دوران ئي معلومات ملندي ته قتل واقعو ڪيئن ٿيو ۽ ڪير ملوث آهي. سنڌ جي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ٽي سولر پارڪ آهن، هڪ مانجهند ۾ به آهي، جڏهن بجلي موجود هوندي ته ڪراچي کي ان مان فائدو ٿيندو. اھڙيون ڳالھيون ھن سنڌ اسيمبلي ۾توانائي کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکيل توڙي پڇيل ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيون. هن چيو ته دير ٿيڻ جي معافي وٺان ٿو، رستي ۾ روڊ حادثو ٿيو ھو، ان ڪري دير ٿي وئي. سنڌ جي توانائي کاتي جي وزير ناصر شاهه چيو ته هڪ پرڏيهي ڪمپنيءَ سان بجلي جو معاهدو گهٽ ۾ گهٽ قيمت تي ڪيو ويو آهي، مختلف هنڌن تي هائبرڊ سولر پارڪن تي ڪم ھلندڙ آهي، ساڳئي وقت ٿر جي ڪوئلي کان سواءِ ونڊ پاور پلانٽ پڻ قائم ڪيا پيا وڃن.هن سنڌ ۾ هڪ سچل سولر پارڪ منصوبي جو به ذڪر ڪندي چيو ته هڪ سعودي ڪمپني پڻ ان ۾سيڙپڪاري ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾صوبائي وزير چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ هئي تڏهن لکي ڄامشورو پاور پلانٽ بند ٿي رهيو هو، ان وقت ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ جي گڏيل حڪومت جو حصو هئي. هن ايوان کي ٻڌايو ته اسين 3 يا 4 فيبروري تي چين وڃي رهيا آهيون، صدر جي وفد ۾ وڏو وزير، سينئر وزير ۽ مان بھ شامل هوندس، ٻيا وزير به ساڻس گڏ ويندا. هن چيو ته اسان چيني اختيارين سان مختلف معاهدا ڪنداسين. توانائي واري وزير چيو ته مغربي ملڪن اڃا تائين ڪوئلي ڏانهن رخ ناھي ڪيو، رڳو چين ڪوئلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، جڏھن تھ ٿر ۾ ترقيءَ جا تمام گھڻا موقعا موجود آھن. هن چيو ته صدر جي دوري دوران ويندڙ وفد ۾ شامل سمورا ماڻھو سرڪاري دوري تي پئسا خرچ نه ڪندا، پر پنھنجا پيسا خرچ ڪندا.