ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن سانگهڙ واقعي تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته سخت ٿڌ ۾ لاش پيل آهن پر وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ اسمبلي اجلاس ۾ سانگهڙ واقعي بابت ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پاران آواز اٿاريو ويو. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف ميمبرن جون دانهون، سنڌ سرڪار جون وري وفاق جي زيادتين خلاف دانهيندا رهيا. تفصيل مطابق سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ اسمبلي اجلاس ۾ ميمبر خانگي ڏينهن هوندي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي رڳو پوائنٽ آف آرڊر تي زور ڏيندا رهيا، ڊپٽي اسپيڪر موقعو ڏسي اجلاس اڪلائي ڇڏيو. سنڌ اسمبلي اجلاس ۾ سانگهڙ واقعي بابت ايم ڪيو ايم آواز اٿاريندي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو ويو ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جو چوڻ هو ته فوتين سان همدردي آهي. توانائي کاتي جي سوالن جوابن دوران مخالف ڌر جي ميمبرن ڪي اي جي زيادتين خلاف دانهون ڪندي چيو ته 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، رات ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو واعدو هيو پر عمل نه پيو ٿئي، توانائي واري وزير ناصر شاھ وارڻي ڏيندي چيو ته ڪي اي ۾ سنڌ جي نمائندگي ناهي، ڪي اي ۽ حيسڪو، سيپڪو سندن حوالي ٿئي ته سستي بجلي ۽ نظام بهتر ڪيو ويندو. سوالن جوابڀن دوران توانائي وارري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه وفاق جي زيادتين تي دانهون ڪندي چيو ته سنڌ کي 2013 کان 3 سيڪڙو پي ايس ڊي پي ڏني وڃي ٿي، زرداري حڪومت م برابر بنياد تي ورهاست ٿي، ايم ڪيو ايم وفاق ۾ آواز اٿارڻ ۾ ساٿ ڏئي. توانائي واري وزير سوالن جوابن دوران چيو ته سستي بجلي ۽ ملڪ جي توانائي جو حل رڳو سنڌ وٽ آهي، فلوٽنگ، سولر ۽ هوا سان گڏ ڪوئلي مان بجلي سنڌ ۾ ٺاهي پئي وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته سانگهڙ ۾ شهرين تي حملو ظلم ۽ بربريت جو بدترين مثال آهي، ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ علي خورشيدي چيو ته گهرن ۾ گهڙي شهرين جو قتل قانون جي ناڪامي آهي،مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پيپلز پارٽي بااثرن کي بچائڻ لاءِ متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري رهي آهي، هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان ايم ڪيو ايم ميمبر ڊاڪٽر باسط پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه عرصو اڳ ميئر ڪال سينٽر متعارف ڪرايو هو، جنهن تي گٽر جي ڍڪڻ جي شڪايت داخل ڪرائي ويندي هئي، ڊاڪٽر باسط چيو ته مان هڪ شهري جي حيثيت سان شڪايت داخل ڪرائڻ چاهي پر اها داخل نه ٿي سگهيو.