پوليس جو ڪردار، آخر ايف آءِ آر ڇو نه ٿي ڪٽجي ! 

تحرير: شفيق وساڻ

سنڌ ڌرتي امن جو خطو رھيو آھي ان سان عظيم روايتن  تاريخي تھذيب سان به شاھڪار آھي . ھن وقت ۾ سنڌ ۾ رت جي راند امن امان نه رھيو آھي. اسان 1973ع جي ائين تي نظر وجهنداسين ته پھرين آرٽيڪل کان ويندين 28 آرٽيڪل تائين ملڪ جي عوام جي بنيادي حقن تحفظ مليل آھي جيڪو ھر حڪومت کي ان تي عمل ڪرائڻو آھي. اسان جيڪڏھن اسان ھن وقت سنڌ جي صورتحال جي ڏسون ته ڳڻتي جوڳي آھي . سنڌي عوام پريشان حال  قبائلي جھيڙا  قبضا مافيا جي مسئلن ۾ جڪڙيل آهي.

ھن وقت سانگھڙ ضلعي ۾ زمين جي تڪرار تي جوڻيجا برادري جا ٽي نوجوان ڳڀرو شھيد ٿي ويا آھن 24 ماڻھو شديد زخمي ٿي چڪا آھن . آھي حيدرآباد  ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل آھن . پر پوليس ڪٿي آھي  پوليس ڇا پئي ڪري . پوليس جو ڪردار ھن وقت سنڌ ۾ سياستدانن  وڏيرن جي ساٿاري  ونگارو رھيو آھي . جيڪڏھن چاھي ته سولنگي  ناريجن جو جھيڙو ختم ٿي سگھي ٿو .سانگھڙ ضلعي ۾ عورتون، مرد  ننڍڙا سانگھڙ ضلعي جو ايس پي ايف آءِ آر نه پيو ڪٽي . خون ٿي چڪا آهن پر پوليس خاموش  سياسي ونگار پئي وھي . علاوالدين ايم اين اي آھي  ھن وقت اھو پ پ جو آھي سياسي مضبوط اثر ڪري پوليس خاموش آھي  قانون ڪارروائي کان پاسو پئي ڪري  آئين جي ڀڃڪڙي پئي ڪري . پوليس جيڪڏھن پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سنڌ ڏوھ نه ٿين امن امان بحال ٿئي . پر پوليس ترقين  پئسن جي لالچ ۾ پنھنجو فرض  ساک وڃائي چڪي آھي . سياسي مداخلت  سياسي اثر ڪري پوليس تان عوام جو ويساهه ئي ختم ٿي چڪو آھي . پوليس خود ھٿيارن جي فراهمي ، نشي جي فراھمي ،  بي گناھ ان ڪائونٽر   قبضا مافيا سان گڏ آھي .

ايف آءِ آر آخر ڇو نه ٿي ڪٽجي. جيڪڏھن اسان 1973ع ۾ واضع بيان ٿيل اھي ته دفعا 154 سيڪشن تحت ايف آءِ آر  آرٽيڪل 9 ارٽيڪل  آرٽيڪل 25 تحت شھرين کي حق حاصل آھي ته ايف آءِ آر ڪٽجڻ گھرجي  .

ايف آ آر، ايڇ ايس او کي ڪٽڻ گھرجي ھي ھڪ قانوني ڪارروائي آھي. جيڪا پوليس کي قانوني ڪرڻي ھوندي آھي . اي ايڇ او انڪري ايف آءِ آر کان ڪٽڻ کان لنوائيندو آھي ته ان کي اوھين کي گرفتار ڪرڻو ھوندو آھي  ڏوھ واپس ڪرائڻو ھوندو آھي . سانگھڙ ۾ ايف آءِ آر انڪري نه پئي ڪٽي وڃي ته اھو سياسي ايم اين اي تي ڪرڻي ھئي  انڪري ايس پي  ڊي ايس پي لھرائي پيو .  لاشن کي ٽي ڏينھن ٿيڻ وارا آھن پر شھيدن جي وارثن زور ڀريو آھي جيستائين ايف آءِ آر نه ڪٽبي تيستائين  شھيدن جي  تدفين نه دفنائينداس . جنھن تي وارثن لاشون رکي ڌرڻو ھنيو آھي.

جوڻيجا برداري جو تعلق سروري جماعت مخدوم خليق الزامن سان آھي . پير پاڳارو جي جماعت جي ھمدردي شھيدن جي وارثن سان آھي آھي به ڌرڻي ۾ شامل ٿيا آھن ان سان گڏ سماجي ورڪر ، سماجي تنظيمون  ميڊيا تي پوليس جي اھڙي عمل خلاف سخت ردعمل آيو آھي  ته آخر ايف آءِ آر ڇو نه ٿي ڪٽي وڃي . جيڪو انصاف  تحفظ ڏيندڙ ادارو ئي بي وس  لاچار ھجي ته پو عوام ڪيڏانھن ويندو . ڪٿان انصاف جي تقاضا ڪندو .

حڪومت جو ڪردار اھم ھوندو آھي ڇو ته پاور  ذميواري حڪومت جي آھي پر سنڌ ۾ امن امان بھتر نه آھي روز سماجي مسئلا ، قبائلي مسئلا جيھڙا رپورٽ ٿين ٿا پر حڪومت تحرڪ ۾ نه پئي اچي . ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پ پ گذريل 15 سالن کان حڪومت ۾ آھي نه صرف سنڌ ۾ پر وفاقي حڪومت ۾ ڀاڳئي ڀائيوار آھي پر سنڌ جي عوام جو دردن جو درمان نه پئي ٿئي . سنڌ حڪومت کي پنھنجو سياسي ساک بچائي آھي  اڳتي ووٽ حاصل ڪرڻو آھي  ته ادارن کي پنھنجو ازاد ٿي ڪري ڪم ڪرڻ ڏئي . پ پ پارٽي کي وري سنڌي عوام ڏي ووٽ لاءِ  اچڻو آھي سانگھڙ  جي شھيدن سان انصاف ڪيو وڃي  پوليس پنھنجو فرض ۾ ڪوتاھي نه ڪري .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.