مقتل گاهه بڻجي ويل سنڌ!

تحرير: منور برهماڻي

سنڌ ۾ لاقانويت جو راڄ قائم ڪيو ويو آھي ، قانون نالي ڪا به شئي ناھي ، ادارا يرغمال بڻيل آھن ، آفيسر چونڊيل نمائندن جي ڪمداري اولين فرض سمجھي اھو فرض وڏي ايمانداري سان نڀائيڻ لاءِ ھڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي چڪر ۾ ادارن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.

چار ڏينھن اڳ سانگھڙ ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو ، جنھن واقعي ۾ دادو شھيد نظيران برھماڻي ڪيس جي تاريخ  ورجائي پئي وڃي ، سانگھڙ جي مقتولن جيان سنڌ جي نياڻي شھيد امان نظيران برھماڻي کي ھڪ بااثر قلم فروش ڀتاخور صحافي جي چرچ تي سري عام ڏينھن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو جنھن جا وارث به 3 ڏينھن مسلسل انڊس ھاوي تي ڌرڻو ھڻي ويٺا ھيا، پوليس آفيسر چيو ته اسان مجبور آھيون ، ڀتا خور صحافي وزيرن مشيرن جو ماڻھو آھي اسان ان مٿان ايف آءِ آر داخل نٿا ڪري سگھون ، اھي ساڳيا لفظ اڄ سانگھڙ ڌرڻي تي ورجايا وڃن پيا ، زمين جي ٽڪري تي با اثر ايم اين اي سانگھڙ  جھيڙو ڪرائي جوڻيجا برادري جا ٽي ماڻھو شھيد ڪرائي 13 ماڻھو زخمي ڪرائي ڇڏيا ، جن ۾ به ٽن ماڻھن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، انتھائي دردناڪ واقعو آھي ،جنھن کي ٻڌي  ڪھڙي حساس دل نه لڏي  ھوندي ، مٿان وري وڏو قھر اھو ته مقتولن جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس تيار ناھي ، ھن سخت سردي ۾ مائرون ، ڀينرون ، ٻار ۽ سانگھڙ واسي لاش رکي روڊن تي ويٺل آھن.

گذريل 80 ڪلاڪن کان ميت مٽي حوالي ٿيڻ بجاءِ حڪومت جي نااھلي سبب روڊن تي پيل آھي ۔ حڪومت جي عوام سان ٻھروپئي وارو ڪردار جاري آھي ، وڏو الميو اھو آھي، چونڊيل نمائندا ايم اين اي شازيه عطا مري، مخدوم امين صاحب ۽ ٻيا ڌرڻي تي پھچي، سادگي ۾ چون ٿا اسان سڄو ڏينھن ڪوشش ڪئي پر اسان جي ڪنھن به نه ٻڌي ، محترمه شازيه مري صاحبه کان پڇڻو اھو ھو ته، جيڪڏھن اوھان جي به نه پئي ٻڌي وڃي ته پوءِ ڪنھن جي ٻڌي ويندي، جيڪڏھن شھيدن لاءِ اوھان وٽ ھمدردي آھي ۽ اوھان جي ٻڌي به نه پئي وڃي ته احتجاجن  استعيفيٰٰ ڏئي عوام جي صف ۾ بيھو ، آءِ جي سنڌ چئي ٿو ڪجھه به ٿي پئي مان ايف آِءِ آر داخل نه ڪندس ، آءِ جي صاحب اوھان کي ڪنھن حق ڏنو آ ، ڪيس داخل نه ڪرڻ جو،  خسيس  ۽ جائز مسئلو ايف آءِ آر جيڪا مرضي مطابق ڪٽرائڻ جو ھر شھري جو بنيادي ھڪ آھي ، پر انھيءَ لاءِ  ھزارين ڀائر، ڀينرون ، ٻار ، ٻڍا گذريل 80 ڪلاڪن کان لاش رکي ھن  خطرناڪ سردي ۾ روڊن تي ويٺا آھن.

ھٿ وٺي سنڌ جون حالتون خراب ڪيون پيون وڃن ، عام ماڻھو جو جئڻ جنجحال ٿي ويو آھي ، ماڻھون گھرن ۾ به محفوظ ناھن ، سنڌ پوليس کي کپي ته وردي لاھي ڀوتارن جي بنگلن تي وڃي ويهن، ڇو ته منھنجي سنڌ سونھاري ۾ روز دل ڏاريندڙ ڪيس پيا ٿين جنھن لاءِ محترم ايازلطيف پليجو صاحب گھڻا ڏينھن اڳ چيو ھو ته ، سنڌيو جي ھاڻ به نه جاڳيو ته روز روڊن تي لاش پيل ھوندا ڪڏھن فاطمه فرڙو جو لاش ڪڏھن ناظم جوکيو جو لاش ڪڏھن قرت العين جو لاش پيو ھوندو ۔ جيڪي لفظ حقيقت جو روپ ڌاري اسان جي سامھون آھن۔ ڪڏھن سنڌ جي نياڻي شھيد نظيران برھماڻي جا وارٽ  ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ 72 ڪلاڪن تائين روڊن تي ويھن ٿا ، ته اڄ 80 ڪلاڪن کان سانگھڙ شھر جا روڊ سوڳوار آھن ، ھزارين ماڻھو سراپا احتجاج آھن ۔ دادو ۾ بااثر ڀتا خور صحافي قانون کي يرغمال بڻايو ويٺو آھي ۽ سانگھڙ ۾ ايم اين اي ۔ وري اتفاق چئجي يا پوليس جي آفيسرن کي ھڪ ئي پٽي پڙھائي وئي آھي۔ دادو ۾ ايس ايس پي جا لفظ ھيا ته قلم فروش قتل ٿيڻ مھل قلم فروش اسلام آباد  ھيو ، سانگھڙ واقعي لاءِ ساڳيا لفظ آءِ جي سنڌ استعمال ڪندي چوي ٿو ايم اين اي صاحب ان ڏينھن اسلام آباد ھيو َ ڀلا سڀ قاتل قتل ڪرائي اسلام آباد آقا کان آشيرواد  وٺڻ وڃن ٿا ڇا  اڃان ڪيترا  لاش کڻڙا پوندا ، ڪيسين ظالم ڏاڍ جبر جو شڪار رھندو ، اڃان ڪيترن پنھنجن پيارن جون آخري رسمون ادا ڪندو ڪيترا ڪيس ٿيندا ڀري ھن ڀنڀور ۾.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.