سنڌ پوليس خلاف عدالت ويل چيني واپاري

تحرير: نديم علي خواجه

هڪ رپورٽ موجب چين جي واپارين جي هڪ گروپ سنڌ پوليس جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو آھي ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آھي، انهيءَ کان اڳ به پوليس خلاف ملڪ جي عوام مختلف ڪورٽن ۾ انصاف لاءِ ويندي رهي آھي، ته جيئن پوليس جي ظلمن، ڀتاخوري، بليڪ ميلنگ، تشدد، ڪوڙن ڪيسن ۽ رشوت خوري کان نجات ملي سگهي،  پوليس خلاف هن وقت به ملڪ جي عدالتن ۾ ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آھن، عدالتن ۾ جج صاحبان جي کوٽ سبب عدالتي فيصلن ۾ تاخير ٿيندي رهي آھي.

هن وقت عدالت ۾ سنڌ پوليس خلاف اپيل پاڪستان جي دوست ملڪ چين جي هڪ واپاري گروپ ڪئي آھي، پاڪستان جي اهائي ڪوشش رهي آھي ته ترقي يافته ملڪن جا واپاري هن ملڪ ۾ سرمائيڪاري ڪن، ته جيئن ملڪ جي ٻڏندڙ معيشت کي سهارو ملي سگهي، ۽ ملڪ ۾ روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪري سگهجن، موجوده نواز ليگ حڪومت ملڪ اند غير ملڪي سرمائيدارن کي ملڪ ۾ تحفظ ڏيئڻ جو پڻ يقين ڏياريو آھي، ملڪ اندر چيني گروپن تي دهشتگردن پاران پڻ ڪيترائي حملا ڪيا پيا وڃن، جن ۾ چينين سميت پاڪستاني پڻ دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آھن، پاڪستان ۽ چين طرفان دهشتگردي جي اهڙي واقعن جي پڻ هميشه مذمت ڪئي ويئي آھي.

پاڪستان سرڪار چين کي اهو يقين ڏياريندي رهي آھي ته چيني عوام کي پاڪستان ۾ مڪمل تحظ ڏنو ويندو، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيني وفد جو سنڌ پوليس خلاف اپيل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان پيدا ڪري ڇڏيو آھي، چين جي واپاري گروپ پنهنجي وڪيلن معرفت پوليس تي مختلف الزام هڻندي چيو آھي ته سنڌ پوليس اسان کان رشوت ۽ ڀتو وٺي ٿي، سيڪيورٽي جي نالي تي اسان کي پنهجن گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جو به حق نه آھي، اسان کي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو، 6 چيني واپارين جو اهو به الزام آھي ته ايئر پورٽ کان وٺي گهرن تائين اسان کان رشوت طلب ڪئي ويندي آھي، ايئر پورٽ تي بلٽ پروف گاڏين جي نالي تي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرايو ويندو آھي، رشوت ڏيئڻ تي پوليس اهلڪار پنهنجن گاڏين ۾ اسان کي منزل تائين پهچائين ٿا، چيني واپارين جو اهو به چوڻ آھي ته اسان جي اچڻ ۽ وڃڻ تي پڻ پابندي آھي، اسان ڪاروباري اجلاس به نٿا ڪري سگهون، ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو آھي ته ڪجهه پوليس اهلڪار گاڏين تي حملا ڪري گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيندا آھن، چيني واپارين جي وڪيل عدالت ۾ اهو به چيو آھي ته ٽن چيني سرمائيڪار عورتن سان ايڪسپو سينٽر ۾ پوليس بداخلاقي ڪئي جنهنڪري سرمائيڪار عورتون واپس چين هليون ويون، هنن اهو به الزام هنيو آھي ته چيني شهرين جي 7 فيڪٽرين کي بند ڪيو ويو آھي، جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته اسان پنهنجو سرمايو پنجاب منتقل ڪري ڇڏينداسين.

يقينن اهو سنڌ پوليس تي وڏو الزام آھي، انهي کان اڳ ڪنهن به غير ملڪي اهڙو الزام سنڌ پوليس تي نه هنيو آھي، اهم ڳالهه اھا به آھي ته چيني واپارين پنهنجو سرمايو پنجاب يا ملڪ جي ٻئي صوبي ۾ سيڙپ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، سنڌ سرڪار چيني واپارين جي الزامن جي جانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، سنڌ حڪومت جو موقف آھي ته جانچ کانپوءِ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، سنڌ سرڪار جو اهو اعلان يقينن ساراھ جوڳو آھي، ڇوته انهيءَ الزام سان سنڌ حڪومت جي ساک پڻ متاثر ٿي آھي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته صاف ۽ شفاف جانچ ڪرائي، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اها جانچ به سياست جي حوالي ٿي وڃي ۽ پوليس وڌيڪ بااختيار ٿي وڃي، جنھن سان چيني سيڙپڪار مايوس ٿي پنهنجي ملڪ يا ٻين صوبن جو رخ ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.