ٽيڪنو ڪريٽ وزيراعظم نيب جي ريڊار کان بچيل ڇو؟

تحرير: سڪندر چنو

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ احتساب جي ڄار ۾ صرف وزيراعظم ڦاسندي ڏٺا آهن. وزيراعظم به اهي جيڪي عوام پاران چونڊيل سياستدان هجن ٿا. پاڪستان جي تاريخ ۾ وزارت عظميٰ جو سونهري تاج ٽيڪنو ڪريٽ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ شخصيتن جي مٿي تي رکيا ويا آهن. پر ڪنهن کي به ڪا جرئت نه ٿي جو انهن ڏانهن ميري اک سان ڪير ڏسي سگهي. سياستدانن کان علاوه اشرافيا ۾ ڪڏهن ڪنهن کي سزا ملي به هوندي پر ان تي عمل نه ٿيو هوندو. اهو آءٌ ڪونه ٿو چوان پر ملڪ جي سياسي تاريخ آئيني جيان اڳيون بيٺل آهي. اشرافيا کي پاڪستان ۾ هر جرم ۾ معافيون مليون آهن ۽ قانون انهن آڏو هميشه جهڪيل ڏٺو آهي. اڪثر ڪري ماڻهو پيدا ئي پاڪستان مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ ٿيندا آهن. غير سياسي ماڻهو وڏن وڏن عهدن تي رهندي پاڪستان مان پئسو ٻاهر موڪلي ۽ پوءِ پاڻ به پاڪستان مان هوشياريءَ سان نڪري ويندا آهن. اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز جو هن وقت نالو نشان به ناهي. پاڪستان مان وڏو ناڻو ٻاهر موڪلي هاڻي پاڻ آرام واري ۽ پر سڪون زندگي گذاري رهيو آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ پاڪستان هڪ سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ جيان هوندو آهي. پاڪستان ۾ هر ماڻهو بنا ڪنهن ڊپ جي ڪرپشن ڪندو آهي.

اسان جو معاشرو هيٺيان کان وٺي مٿي تائين خراب آهي ڪرڻ کان پوءِ دنيا جي محفوظ ۽ پرسڪون ڏيندڙ جنت طرف نڪري ويندا آهن. آف شور ڪمپني تي ڪوبه ايڪشن نه ٿيو. آف شور ڪمپنيءَ جو باب ئي بند ٿي ويو. پاڪستان جي قوم جي ياداشت اليڪشن جي دوران ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي. پاڪستاني قوم جو هونءَ به حافظو ڪمزور هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته بيمارين ۽ پريشانين سبب هر ماڻهوءَ جو حافظو صحيح ڪم ڪٿي ٿو ڪري؟ ملڪ جي سياسي وزيراعظم کي ڪابه رعايت نه ڏني ويندي آهي. ملڪي خزانو لٽين هڪڙا ڦاسي وزيراعظم کي ملندي آهي. وزيراعظم مختلف ڪيسن کي منهن ڏيندو آهي. اقتدار دوران جڏهن به وزيراعظم کي ڪو خطرو محسوس ٿيندو آهي ته پوءِ ان جي ڪرسيءَ جو ٽنگون لڏڻ شروع ٿينديون آهن ۽ هونئن به اقتدار جي ڪرسي ڪيترن ئي سهارن تي بيٺل هوندي آهي. وزيراعظم اڪيلي سر اقتدار جو ذميوار ناهي هوندو. پارٽي جي اتحادي ووٽرز، سپورٽرز ۽ پردي پٺيان ويٺل قوتون جيڪي پنهنجو زبردست وجود رکندڙ آهن ۽ ڪرسيءَ جي طاقت جو سرچشمو هونديون آهن. اقتدارن ۾ ڀاڱيءَ ڀائيوار هونديون آهن. هر سياستدان وزيراعظم ٿيڻ لاءِ وڏا جتن ۽ ڪشالا ڪندو آهي. جيڪي ڏکيا پنڌ ۽ پيچرا هجن ٿا. ايتري قدر جو گيٽ نمبر چار جي بند دروازي تي ويهي راتين جون راتيون گذاريندا آهن جيستائين سندن کي ڪا درگاهه تان ورندي نه ملندي آهي يا ڪو ڪاميابيءَ جو تعويز نه ملندو آهي تيستائين درگاهه جي دروازي تي ڏينهن رات ويٺل ڏٺو ويندو آهي. هر وزيراعظم طاقتور ترين عهدي تي هوندي به هميشه بااختيارن کان هٽي ڪري بي اختيار طور ڏٺو آهي. ۽ وزيراعظم جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي هوندو. وزيراعظم کي نڪ ۾ اٺ واري لڳل ناڪيلي جي مهار ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ هوندي آهي. طاقت رکندڙ قوتون ناهن چاهينديون ته انهن جي هٿن مان واريءَ جي مٽيءَ جيان طاقت آهسته آهسته کسڪي وڃي. انهن کي هڪ ڪمزور وزيراعظم ۽ ڪمزور جمهوريت ڏاڍي پسند هوندي آهي. اهڙيون شيون سندن جو مشغلو تصور ڪيو ويندو آهي. اهو به ڏٺو آهي ته انهن طاقتن کي مضبوط ملڪ ڏاڍو پسند هوندو آهي يعني اهي چاهيندا آهن ته ملڪ معاشي طور مستحڪم هجي. ڇاڪاڻ ته انهن جي چرپر جيڪا ملڪي حفاظت لاءِ هجي ٿي لاءِ ڏوڪڙ گهرجن. ڏوڪڙ هوندو ته هو ملڪ جي حفاظت ڪري سگهندا. جنهن وزيراعظم کي صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ جو فڪر هوندو ته پوءِ اهوملڪ کي ڪهڙو خوشحال بڻائي سگهندو؟ مختلف وقتن ۾ وزيراعظم تي ڪرپشن جا الزام لڳندا رهندا آهن.

قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ وڏو سياسي اڳواڻ هو. سندس کي هڪ ظالم آمر جيل ۾ بند ڪيو. عوام کي ان وقت آسرو هو ته اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ڀٽو صاحب آزاد ٿيندو. ڀٽو صاحب عرب ملڪن ۾ به ڏاڍو مشهور هو. پر افسوس جو سندس کي سندس جي مقبوليت ۽ شهرت به بچائي ڪونه سگهي. جڏهن ته  اهو دور ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ دور هيو. سياسي ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪري ۽ پوءِ انهن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويندو هو. پر مزاحمت ٿيندي هئي هڪ جنرل آمر پنهنجي غرور ۽ وقتي ڏنڍي جي طاقت سبب ملڪ کي هڪ اعليٰ پائي جهڙي ليڊر کان پاڪستان کي محروم ڪري ڇڏيو. وڏي عرصي کان پوءِ هاڻي سپريم ڪورٽ ان کي غلطي تلسيم ڪيو آهي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي عدالتي قتل هو. ڪاش! جيڪڏهن ان وقت عدالتون تڪڙو انصاف ڪن ها ته اڄ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زنده جاودان هجي ها ۽ ملڪ جون معاشي حالتون به ڪجهه تبديل هجن ها.

پاڪستان جي 77 سالن جي تاريخ ۾ ڪوبه چونڊيل وزيراعظم پنج سال مدو پورو نه ڪري سگهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم مير ظفر الله جمالي کان زبردستي استعفيٰ وٺي ٻاهران گهرايل شوڪت عزيز کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. ۽ مير ظفر الله جمالي ٽرين وسيلي ڳوٺ پهتو پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو. ملڪ غلام محمد وزيراعظم خواجا نظام الدين جو تختو اونڌو ڪيو. محمد علي بوگرا جي حڪومت کي اسڪندر مرزا ختم ڪيو. مطلب ڪنهن به سياسي وزيراعظم پنج سال مڪمل نه ڪيا. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو پاڪستان کان ٻاهر سرڪاري دوري تي هوندي سندس کي عهدي تان هٽايو ويو. فيروز خان کي مارشلا وسيلي هٽايو ويو ان کان پوءِ 1958 کان وٺي 1971 تائين ملڪ آمرن جي هنج ۾ رهيو ۽ وزيراعظم جو عهدي کي پاسيرو رکيو ويو. 1971 نور الامين صرف 13 ڏينهن لاءِ وزيراعظم رهيو. ان کان پوءِ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ طاقتور ترين سياسي وزيراعظم طور ملڪ ۾ سامهون آيو. پر پوءِ آمر ان کي به اڳتي هلڻ ڪونه ڏنو. محمد خان جوڻيجو کي 8 آئيني ترميم وسيلي گهر موڪليو ويو ان کان پوءِ هڪ عوامي طاقت وسيلي عوام پي پي کي وڏي اڪثريت سان سوڀارو ڪيو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي چونڊيو جيڪا پهريان مسلم دنيا ۽ پاڪستان جي عورت وزيراعظم بڻي. ان کي به پنهنجي آئيني مدت پوري ڪونه ڪرائي ويئي ۽ ان کي صدر غلام اسحٰق خان 58 B 2 جي تلوار سان وار ڪري ان کي گهر موڪليو ويو. ان کان پوءِ نواز شريف آيو. اهو به پنج سال مڪمل نه ڪري سگهيو. اهڙي طرح ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام رهيو. انهن حڪومتن تي ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا. جنرل پرويز مشرف هوندي شهيد راڻي 9 سال جلاوطني طور گذاريا. 2008 ۾ سيد يوسف رضا گيلاني صرف ساڍا ٽي سال هلي سگهيو. شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف به ٿورو وقت اقتدار جا مزا ماڻيا. 2018 واري اليڪشن ته عمران خان چونڊجي آيو صرف پوڻا 4 سال حڪومت ڪري سگهيو ۽ عمران خان هاڻي اڄ تائين جيل ۾ بند آهي. هاڻي ملڪ جو وزيراعظم شهباز شريف آهي جيڪو 8 فيبروري 2024 جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيو آهي في الحال ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي بيٺل نظر اچن ٿا باقي سڀاڻي جي ڪابه خبر ناهي.

حقيقت اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ناپائيدار ڪرسي صرف وزيراعظم جي آهي. هاڻي صرف هڪ ئي حڪومت جو ارادو آهي ته ڀلي ڪجهه به ٿي پوي. وزيراعظم عمران خان کي سزا ملي. هاڻي وزيراعظم شهباز شريف کي سوچڻ گهرجي ته سندس جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ آخرڪار ٽيڪنو ڪريٽ وزيراعظمن کي سزائون ڇو ڪونه ٿيون اچن؟ سياستدان هڪ ٻئي جي سزائن تي خوش نه هجڻ گهرجي. دشمن مري ته خوش نه ٿيجي. ڪڏهن سڄڻ به مرندو. اڄ جيڪي سابق وزيراعظم جي سزائن تي خوش ٿين ٿا سڀاڻي انهن مٿان به اهڙي تڪليف واري مهل اچي سگهي ٿي. ان لاءِ بهتر ٿيندو ته هڪ ٽيبل تي ويهي مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي. جنهن سان ملڪ به معاشي طور مضبوط ٿيندو. ۽ عوام خوشحال ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.