اسلام آباد(عمر چيما)پيڪا کي قومي اسيمبلي کان اسٽيڪ يا اسٽڪ هولڊرز پاران تڪڙو منظور ڪرائڻ بعد سينيٽ مان به منظور ڪرايو ويوآهي هن جي منظوري جي مبارڪباد پي ٽي آءِ ۽ ان جي منافقت کي وڃي ٿي. جيڪي ٻاهر ته شور ڪندا هئا پر جڏهن سينيٽ استينڊنگ ڪميٽي ۾ اهو معاملو آهي جنهن جي سربراهي پي ٽي آءِ وٽ هئي ته ڪا مزاحمت نه ڪئي ۽ ان کي سينٽ ڏانهن موڪلي ڏنو. ٻيو صحافتي تنظيمون جيڪي صرف ڳالهائين ٿيون پر وقت سان گڏ هاڻي ڪمزور ٿي ويون آهن حڪومت فيڪ نيوز خلاف ناهي پر اها ماڻهن جي ڏنڊي جي زور تي زبان بندي ڪرڻ گهري ٿي فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ جيل ۾ وجهڻ بجاءِ انهن کي ڏنڊ ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي جيل مان ڪو جڏهن نڪري ٿو ته ويهن هزارن جي جڳه تي ان جا ويه لک فالوئر ٿي وڃن ٿا.ان معاملي تي صحافتي تنظيمن کي کلي سامهون اچڻ گهرجي ها پر اهي نه آيون.