اسلام آباد (م د) مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان ڳالهين ۾ مطالبن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هونئن بئريسٽر گوهر چيو ته هو نه ايندو ۽ جيڪڏهن سندس فيصلو آهي هو نه ايندو ته پوءِ اسان به ڏسنداسين. ڪميٽي ۾ 7 حڪومتي اتحادي شامل آهن ۽ سڀني کي پنهنجون مصروفيتون آهن، هو ٻڌائي ڇڏين ها ته چوٿين گڏجاڻي کان اڳ مطالبا پورا ٿيڻا آهن ته ان کي پڌرائي ۾ شامل ڪيو وڃي ها. هن چيو ته پي ٽي آءِ 23 تاريخ تي ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڳالهين کي ختم ڪرڻ لاءِ بهانا ڪيا ويا ڇو ته هو ڳالهيون ختم ڪرڻ چاهين ٿا. اسان جو جواب حتمي آهي، اجلاس ٿيو ته جواب پيش ڪنداسين. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو ته پي ٽي آءِ نه آئي پر ڳالهين واري ڪميٽي برقرار رهندي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو آهي، هنن چيو ته اسان اعليٰ قيادت سان رابطو ڪري ٻڌائينداسين، اسان اجلاس ڪنداسين، ان ۾ ڏسنداسين ڇا ٿئي ٿو. هن چيو ته اڄ 45 منٽ انتظار ڪيو، پيغام به موڪليو هو نه آيا، ڳالهين جو هڪ ئي رستو آهي جنهن تي اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته اپوزيشن کي اپيل ڪريان ٿو ته ڳالهين جو رستو ڪڍيو وڃي.