حيدرآباد ۾ چوٽياريون واقعي خلاف هيومن رائيٽس جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران چوٽياريون واقعي خلاف ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.  مظاھرين واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي اڳواڻن غفرانا آرائين، پروفيسر امداد چانڊيو، پشپا ڪماري ۽ ٻين چيو ته سانگھڙ چوٽياريون واقعو انتھائي افسوسناڪ آھي. ان واقعي ۾ ملوث جوابدار اڃا تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا. پوليس واقعي جو ڪيس وارثن جي مرضي مطابق داخل ڪرڻ  لاءِ تيار ناھي. اھو عمل انتھائي مذمت جوڳو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته چوٽياريون واقعي جو ڪيس مقتولن جي وارثن جي فرياد تي داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر ڌر کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي. مظاھري ۾ ايڇ يو جي جي جنرل سيڪريٽري فريد لاکو، سينيئر صحافي اقبال ملاح، جاني خاصخيلي، سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي زوار نقوي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، سماجي اڳواڻ صوبا ڀٽي ۽ ٻيا موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.