حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ ترميمي بل قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان تي غير جمهوري قوتن جي قبضي جو پروانو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڪارن قانون ذريعي محمد علي جناح جي پاڪستان کي قيد خانو بڻائي ڇڏيو آهي. اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي ملڪ جي باني جي اصولن جي خلاف آهي. ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي. پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم مارشل لا جو اعلان آهي. پيڪا ايڪٽ ترميمي بل جهڙا ڪارا قانون نام نهاد جمھوري حڪومت جو چهرو وائکو ڪن ٿا. اظهار جي آزادي مٿان راتاهو هڻي ملڪي آئين جي تذليل ڪئي وئي آهي. اقتدار خاطر نواز ليگ مڪمل طور غير جمهوري قوتن جي ذيلي ونگ بڻجي چڪي آهي. پيپلز پارٽي جمهوريت جو راڳ آلاپڻ بند ڪري. پيپلز پارٽي سرڪار ڪارا قانون پاس ڪرڻ ۾ نواز ليگ سان برابر جي ڀائيوار آهي