اسلام آباد (م ڊ) حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت ڪميٽين جو اجلاس اڄ ٿيندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊي سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان ڳالهين لاءِ حڪومت کي 7 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، حڪومت سان اڄوڪي اجلاس ۾ نه ويهنداسين، سيڪريٽري اسپيڪر کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، پيڪا ايڪٽ جلدبازي ۾ مظور ڪرايو ويو آهي، هي ڪنهن کي به جعلي خبرن جي آڙ ۾ پڪڙڻ جو قانون آهي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، اسد قيصر چيو ته اهڙن قانونن جو قيام مارشل لا پلس آهي، انهن قانونن جو نتيجو صحافت کي دٻائڻ ۽ پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ آهي، ٻي پاسي خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ طرفان 8 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، خيبر پختونخواهه ۽ اتر پنجاب جا ڪارڪن صوابي ۾ گڏ ٿيندا، احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، جڏهن ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪارڪن احتجاج ڪندا.