ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جي رپورٽنگ ڪندڙ پارلياماني صحافين پاران پي اي سي اي ايڪٽ ۾ ترميم خلاف احتجاج ڪندي اھڙي ڪاري قانون خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته انھيءَ ترميم کي جلد کان جلد واپس ورتو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر پ پ ميمبر سعديه جاويد کي چيو ته صحافي احتجاج ڪري رهيا آهن، توهان سنڌ حڪومت جا ترجمان آهيون وڃي انهن سان ملو ۽ سندن مسئلوحل ڪيو. ان موقعي تي ايوان ۾ڳالهائيندي پارلياماني معاملن ۽ قانون جي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو تھ ايڪٽ خلاف پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو اڳ ئي واضع موقف آھي، اسان کين يقين ڏياريوآهي ته سندن جو ڪيس وفاقي حڪومت اڳيان کڻي وينداسين، پرجعلي خبرن جي ڪلچر کي به ختم ٿيڻ گهرجي.