اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيڪا ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان دوران جي يو آءِ (ف) ۽ صحافتي تنظيمن پاران مخالفت ڪئي، جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته بل ايتري جلدي ۾ ڇو پاس ڪيو پيو وڃي؟ ايتري ٿوري وقت ۾ قانون نٿو پڙهي سگهجي ته پوءِ ڪهڙي صلاح ٿيندي؟ بل ۾ ڪيتريون ئي ڪمزوريون آهن، جعلي خبرن جي ڪا به تعريف ناهي، اهو ڪيئن طئي ٿيندو ته جعلي خبر ڪهڙي آهي؟ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سٺو ٿئي ها ته بل کان اڳ صحافين سان صلاح مشورا ڪن ها پر اسان بل جي روح سان متفق آهيون، سوشل ميڊيا ذريعي جعلي خبرن جي مرض جو علاج ضروري آهي، گهرو سيڪريٽري ڪميٽي کي گذارش ڪئي ته قومي اسيمبليءَ مان پاس ڪيل بل کي ان ئي انداز ۾ منظور ڪيو وڃي، حڪومت ڪجهه ترميمون پڻ آڻي رهي آهي ته جيئن ان قانون کي بهتر نموني لاڳو ڪري سگهجي، اجلاس ۾ اينڪرز ايسوسيئيشن بل تي اعتراض اٿاريندي چيو ته اسان کي بل تي تجويزون پيش ڪرڻ جو وقت نه ڏنو ويو، بل ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، ان بل جو نتيجو بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيندو. بل ۾ جعلي خبرن جي تعريف تمام مبهم آهي، صحافتي تنظيمن موقف اختيار ڪيو ته اسان پاڻ جعلي خبرن جو شڪار آهيون، جعلي خبرن لاءِ قانون جا حامي آهيون پر موجوده شڪل ۾ بل کي قبول ناهي ڪيو.