ٽيڪس اوڳاڙي بهانو، ايف بي آر عملدار نئين گاڏين جي انتظار ۾

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  فيڊرل بورڊ آف روينيو عملي لاءِ نئين گاڏين جي خريداري واري معاملي تي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خط لکي  ڇڏيو آهي، ايف بي آر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته گاڏيون رڳو فيلڊ آفيسن ۾ مقرر گريڊ 17 ۽ 18 جي ​​آفيسرن کي ڏنيون وينديون، جڏهن ته گريڊ 19 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن کي گاڏيون نه ڏنيون وينديون، جڏهن ته گاڏيون آفيسرن نه پر آفيسن کي ڏنيون وينديون، خط ۾ چيو ويو آهي ته غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ گاڏين تي ايف بي آر جا اسٽيڪر لڳايا ويندا، قانون موجب گاڏيون مقامي طور تي مينوفيڪچرز يا ان جي ايجنٽ کان خريد ڪرڻ جي اجازت آهي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پرڏيهي قرضن جي واپسي ڪجهه سالن ۾ پنهنجي بلند ترين سطح تي آهي، ملڪ معاشي بحاليءَ جي مرحلي مان گذري رهيو آهي، جنهن جي استحڪام جو دارومدار روينيو گڏ ڪرڻ تي آهي ۽ ايف بي آر 1300 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، عملو ان فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ متحرڪ نه ٿيندو ته ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو،  خط ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال ۾ ايف بي آر کي 600 ارب رپين جي ٽيڪس گيپ کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن مان 3500 ارب رپين جو خال سيلز ٽيڪس سبب هو، معاشي ترقي لاءِ ٽيڪس ڪليڪشن گيپ کي ختم ڪرڻ لازمي آهي، هوڏانهن وفاقي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو  کي 1087 گاڏيون خريد ڪرڻ جي اجازت ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايف بي آر 1010 نئين گاڏين جي خريداري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايف بي آر وٽ 1010 کان علاوه وڌيڪ 77 نيون گاڏين جي خريداري جي منظوري موجود آهي، ڪابينا آپريشنل مقصدن لاءِ 1300 سي سي تائين گاڏيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، ايف بي آر 1010 نيون گاڏيون خريد ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ايف بي آر کي اي سي سي، ڪفايت شعاري ۽ ڪابينا ڊويزن جي گاڏين جي اٿارائيزيشن ڪميٽي جي منظوري به حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.