وياج شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو لاٿ، هلندڙ سال زرعي پيداوار گهٽ ٿي\اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد ٻڌايو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 13 سيڪڙو مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته معيشت هاڪاري رستي تي هلي رهي آهي، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽيو آهي، مهانگائي مئي 2023 ۾ 38 سيڪڙو هئي، جيڪا گهٽجي 4.1 سيڪڙو رهي، جنوري  ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽجندي.سندس چوڻ هو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ سرپلس رهيو، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهڻ سان ناڻي ذخيرن ۾ واڌ ٿي. جميل احمد چيو ته معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن، ناڻي مٽاسٽا ذخيرا مالي سال 2025 جي پڄاڻي تائين 13 ارب ڊالر هوندا، مالي سال 2025 ۾ جي ڊي پي اوسر 2.5 کان 3.5 سيڪڙو رهندي. جميل احمد چيو ته بنيادي مهانگائي جي شرح اڃا تائين 9.1 سيڪڙو جي سطح تي آهي.  اسان جي خيال ۾ هن مالي سال جي آخر ۾ جون ۾ مهانگائي جي شرح 5-7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. اهڙي طرح، ٻين مهانگائي جي انگن اکرن ۾ به چاڙهه ۽ لاٿ جو سلسلو هلندو رهندو. گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته پرڏيهي ناڻي جي آمد ۽ برآمد جا انگ اکر به مثبت آهن.  پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته گذريل مهيني درآمدات 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ هيون، جن ۾ گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. نومبر ۾ تيل جي ادائيگين ۾ گهٽتائي سبب اهو انگ گهٽ ٿيو، اسان جي معيشت جو دارومدار درآمدي تيل تي آهي. هن چيو ته ڪجهه سبب جي ڪري زراعت تي اثر پيو، زرعي خرچ به گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.