”چولستان آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان کي بنجر بڻائڻ چاهيو پيا“ سينيٽ ۾ احتجاج

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پاڻي ورڇ، سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي سينيٽرن سخت احتجاج ڪيو آهي،ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايوان ۾  گوڙ مچائي ڇڏيو. جڏهن ته پيڪا ايڪٽ تي به صحافين احتجاج ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر بلال احمد چيو ته پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته ٽي چار هفتا به ڪجهه نه ڪنداسين.  بلوچستان  جو ضلعو نصيرآباد پاڻي کان محروم آهي، اتحادي هجڻ باوجود پاڻي جي مسئلي تي اسان جا تحفظات آهن، حڪومت ٻڌائي ته نئين ڪئنال تي ڪيترو خرچ ٿيندو، هو چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان کي بنجر بڻائڻ چاهين ٿا، نون واهن ( ڪينالن) کي ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو نه بڻايو وڃي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان جا چارئي صوبا چار ڀائر آهن.  وزيراعظم پاڪستان پاڻي جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪندو، مفاهمت ئي وفاقي حڪومت لاءِ پهريون آپشن ۽ آخري آپشن هجڻ گهرجي، هن چيو ته اهو مسئلو گڏجي ويهي حل ڪيو ويندو.سينيٽر پلوشا خان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دريا اسان جي مائرن وانگر آهن، جماعت علي شاهه دريا جو سودو ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو، اڄ ڪير به جماعت علي شاهه کي واپس آڻڻ لاءِ ڇو نٿو ڳالهائي. هن چيو ته دريائن ۾ پاڻي گهٽجي رهيو آهي ۽ اسان ڪينال ڪڍي رهيا آهيون، درياهن جي بحالي لاءِ دنيا ۾ تحريڪون هلي رهيون آهن، اسان وري انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڀارت ڊيم ٺاهي رهيو آهي، ان تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي. ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان کان علاوه پنجاب به متاثر ٿيندو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سينيٽر علي ظفر کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، ان تي پي ٽي آءِ طرفان ايوان ۾ احتجاج ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ميمبرن ڊيسڪون وڄائڻ شروع ڪيون ۽ ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته صحافين به پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج ڪندي سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. سينيٽرن جو وفد صحافين جا خدشا ٻڌڻ لاءِ پريس گيلري پهچي ويو، وفد ۾ پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جا سينيٽر به شامل هئا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.