ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس ۾ تڪرار، صدر زرداري ناخوش؟!

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلافن سبب حڪمران اتحاد ۾ شامل ٻن اهم ڀائيوارن وچ ۾ لاڳاپا متاثر ٿي رهيا آهن، پيپلز پارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا دعويٰ ڪئي آهي ته صدارتي آفيس پاران جاري ڪيل صدارتي فرمان تي وزيراعظم هائوس پاران ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، پ پ اڳواڻ سوال ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي صدر طرفان ڪا هدايت موڪلي ويندي آهي ته ان تي عمل ناهي ٿيندو ته پوءِ هيٺين سطح تي ڇا ٿيندو، صدر آصف علي زرداري ان صورتحال مان خوش ناهي، ٻي پاسي وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل جو چوڻ آهي ته وزيراعظم صدر آفيس جي هدايتن کي سنجيدگي سان وٺندو آهي، آئون مانڊوي والا جي دعوائن جي پس منظر کان واقف ناهيان، خبر ناهي هن ڪهڙي حساب سان ايئن چيو آهي، صدر جي پريس سيڪريٽري اختر منير جو چوڻ هو ته کيس خبر ناهي ته سليم مانڊوي والا ڪهڙي مسئلي جو ذڪر ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.