سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ ) سانگهڙ لڳ ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس 24 ڪلاڪن تائين داخل نه ٿي سگهيو، سخت ٿڌ ۾ وارثن جي ڌرڻي باوجود انتظاميا توڙي حڪمرانن مان ڪير به متاثرن وٽ نه پهتو، ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ٽن ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي فوتين جي وارثن پاران گذريل ڏينهن کان ٽنهي فوتين جا مڙهه ميرپور خاص چوڪ پريس ڪلب آڏو رکي ڌرڻو جاري آهي، فوتين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ٽن ڳڀرو نوجوانن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي جنهن واقعي کي 24 ڪلاڪ گذري چڪا آهين پر افسوس ايس ايس پي سانگهڙ اصل قاتلن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان جي ٽن ڄڻن جا مڙه سخت سيءُ ۾ پريس ڪلب آڏو پيل آهن پر ايس ايس پي سانگهڙ آفيس مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هوڏانهن ٻئي ڏينهن به چوٽياريون سانحي تي دوڪاندارن سانگهڙ ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. هوڏانهن ڌرڻي ۾ شريڪ فوتين جي وارثن موجب ته جيسيتائين ايس ايس پي سانگهڙ اصل قاتل گرفتار نه ڪندو ۽ انهن تي ڪيس داخل نه ڪندو تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو.
-
کپري ۾ چوٽياريون واقعي خلاف سروري جماعت جو مظاهرو
کپرو(ن ع آ) کپرو ۾ سروري جماعت جي سڏ تي سانگھڙ جي چوٽياريون ۾ ٿيل واقعي خلاف سروري جماعت جي اڳواڻن جي ايم ھنڱورجو ، انور ڀنڀرو،خالد ڀنڀرو ، غلام حسين ھنڱورجو، امتياز لغاري سميت سوين مريدين ھٿن ۾ بينر کڻي چوٽياريون واقعي خلاف کپرو شھيد چوڪ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاھرين ايس ايس پي سانگھڙ خلاف سخت نعري بازي ڪري رھيا ھئا ان موقعي مظاھرين چيو ته سروري جماعت جي مريدن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ھيڏو وڏو سانحو ٿيو آھي سانگھڙ جي انتظاميه واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي سانگھڙ پوليس لاعلمي ڪري رھي آھي 5 جوڻيجا قتل ٿيا آھن 10 کان 15 ڄڻا زخمي آھن اسان جي ڪابه حيثيت ناھي اسان جي جماعت جي مريدن جو قتل ظلم ناھي پ پ پ اھڙي واقعي جي اڃا تائين مذمت ناھي
-
چوٽياري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي: صنعان قريشي
حيدرآباد/سانگهڙ(پ ر)سانگهڙ ضلعي جي چوٽياري واقعي ۾ قتل ٿيل ٽن ڳوٺاڻن ۽ زخمي ٿيل ماڻهن جي جوابدارن جي گرفتاري جي گهُر ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته چوٽياري جهڙا واقعا سنڌ لاءِ نقصانڪار آهن، معمولي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ماڻهن جو رت وهائڻ ڪنهن به صورت ۾ انسانيت ۽ مهذپڻو ناهي، هي وقت پاڻ ۾ وڙهڻ جو ناهي، هن چيو ته سنڌ جي سمورن وسيلن تي پنجاب قابض آهي، هاڻي وري زبردستي سنڌو درياھ مٿان ڪينال ٺاهي رهيو آهي، ٻي پاسي سانگهڙ ضلعي جي چوٽياري واقعي خلاف متاثر ڌر جي لڳل ڌرڻي ۾ جسقم ضلعي سانگهڙ جي اڳواڻن آزاد ڪنڀر، الهه داد مري جي اڳواڻي ۾ جسقم ڪارڪن شريڪ رهيا.
-
سنڌ حڪومت چوٽياريون واقعي تي منافقاڻي سياست نه ڪري:سردار عبدالرحيم
ڪراچي(پ ر) فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم مطالبو ڪيو آھي ته چوٽياريون ۾خون جي ھولي کيڏندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، سروري جماعت سان تعلق رکندڙ ٽن ڄڻن جي قتل ۽عورتن معصوم ٻارڙن سميت 20 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا،پنھنجي جاري بيان م هن چيو ته سانگھڙ جھڙي پر امن ضلعي ۾رت جي راند کيڏي وئي آهي وڏو افسوسناڪ واقعو آھي،ھن چيو ته امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ٿي وئي آهي امن امان قائم ڪرڻ ۾سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي،چوٽياريون فائرنگ واري واقعي ۾ملوث جوابدارن ۽انھن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي،سنڌ حڪومت چوٽياريون واقعي تي منافقاڻي سياست کي ڇڏي واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪرائي،
-
چوٽياريون واقعي تي سنڌ حڪومت بي حسي جو مظاهرو ڪيو:جماعت اسلامي
ڪراچي( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چوٽياريون واقعي جي سخت مذمت ۽ قيمتي حياتين جي نقصان تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته واقعي جي اڻڌري جانچ، ملوث ڏوهارين کي عبرت ناڪ سزا ڏئي متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته چوٽياريون واقعي تي سنڌ حڪومت جو ڪردار مجرماڻو آهي، بي گناه ماڻهن جي قتل تي حڪومت جي بي حسي ۽ الزام لڳندڙ پارٽي ايم اين اي جي پٺڀرائي افسوس ناڪ ۽ قابل مذمت آهي، متاثر ڌُر لاشن سميت گذريل 24 ڪلاڪن کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهي، پر سندن مرضي موجب قاتلن خلاف ايف آءِ آر به درج نه پئي ڪئي وڃي جنهن مان قاتلن کي پوليس ۽ حڪومت جي سهولتڪاري صاف ظاهر آهي. جماعت اسلامي مظلوم ڌُر سان گڏ آهي ۽ گهر ڪريون ٿا ته حڪومت سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ ظالم ڀوتارن جي پٺڀرائي ڇڏي ڏي.