هڪ ارب 10 ڪروڙ جاري ٿيڻ باوجود ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جون رٿائون رولڙي جو شڪار!

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)تعليم کاتي سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيش واري سيڪريٽري جاري ترقياتي اسڪيمن جا ناڻي  کاتي پاران جاري ڪيل هڪ ارب 10 ڪروڙ  ڪميشن جي چڪر ۾ روڪي ڇڏيا آهن جنهن سبب پرڳڻي ۾ ڪاليج ايجوڪيشن جي 45 جاري رٿائن جو ڪم بند ٿي ويو آهي،عوامي آواز کي مليل دستاويزن ثُبوتن موجب تعليم کاتي سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن جي جاري 45 ترقياتي رٿائن لاءِ ٻي ۽ ٽي ٽماهي جي مد ۾ ناڻي کاتي 28هين نومبر تي ڪاليج ايجوڪيشن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 1 ارب 10 ڪروڙ جاري ڪيا هئا پر ڪاليج ايجوڪيشن کاتي واري سيڪريٽري آصف اڪرام رليز آرڊر جاري ڪرڻ بدران سمورين اسڪيمن جا ڊي آر اوز روڪي  ڇڏيا آهن ، ناڻي کاتي اي ڊي پي جي اسڪيم 793 ڊگري ڪاليج ڪياماڙي،اي ڊي پي اسڪيم 794 ڊگري ڪاليج باقراڻي جي بحالي ۽ ڪجھ نون ڪمن لاءِ رقم جاري ڪئي،گرلز ڊگري ڪاليج ڪورنگي 2 گرلز ڊگري ڪاليج ڪورنگي 4،گورنمنٽ ڪاليج فار وومين،بوائز ڊگري ڪاليج 5 ايل جي بحالي ۽ نئين اڏاوتن لاء رقم ڪئي جاري،اي ڊي پي جي اسڪيم 798 موجب سنڌي ادبي بورڊ جي  ٻيهر بحالي ۽ مسنگ فيسلٽيز لاءِ پڻ ناڻي کاتي ٻه مهينا اڳ رقم جاري ڪئي،بوائز ڊگري ڪاليج ڇور جي نئين بلڊنگ جي اڏاوت،گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ميهڙ،گورنمنٽ ڊگري ڪاليج هوسڙي حيدرآباد جي بلڊنگ جي اڏاوت،گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج سنجهوري جي بحالي،بوائز ڊگري ڪاليج ڪورنگي جي اڏاوت،ڊگري ڪاليج ٽنڊي باگي جي گرلز سيڪشن جي بلڊنگ جي اڏاوت،گرلز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي ايڊشنل ڪلاسز جي اڏاوت،گورنمنٽ بوائز ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج ڪورنگي،گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ملير جي بلڊنگ جي نئين سري سان تعمير لاءِ پڻ ناڻي کاتي ٻه مهينا اڳ رقم جاري ڪئي،بوائز ڪاليج جوهي جي ايڊيشنل ڪلاسن جي تعميرات،بوائز ڊگري ڪاليج سانگهڙ جي نئين سري سان بحالي ۽ ٻيهر اڏاوت لاءِ پڻ رقم جاري ڪئي ويئي،ڪراچي ريجن جي سمورن ڪاليجن ۾ مسنگ فيسلٽيز،دادو ضلعي جي ڪاليجن ۾ مسنگ فيسلٽيز ۽ بحالي،گورنمينٽ ڪيڊٽ ڪاليج ميرپورخاص جي نئين بلڊنگ جي اڏاوت ڪيڊٽ ڪاليج جيڪب آباد جي بلڊنگ جي اڏاوت جا ڪم پڻ ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري جي نا اهلي سبب بند ٿي ويا آهن، اي ڊي پي اسڪيم 792 موجب گورنمنٽ گرلز ڪالج ملير جي نئين بلڊنگ جي اڏاوت،اي ڊي پي اسڪيم 855 موجب سکر ۽ سانگهڙ جي ڪيڊٽ ڪاليجز ۽ پيٽارو ڪاليج جي هاسٽلن جي اڏاوت لاء ناڻي کاتي رقم جاري ڪئي،اي ڊي پي جي اسڪيم 862 موجب پيٽارو ڪاليج ۾ هاڪي اسٽيڊيم ۽ آسٽروٽرف لاء پڻ رقم جاري ٿيل آهي،گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ڏهرڪي جي اڏاوت،خانپور مهر جي هائر سيڪنڊري اسڪول کي اپگريڊ ڪري ڊگري ڪاليج ۾ تبديل ڪرڻ،گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي نئين بلڊنگ جي اڏاوت توڙي اي ڊي پي جي اسڪيم 867 ڪيڊٽ ڪاليج گڏاپ ڪراچي جي هاسٽل جي تعميرات لاء ناڻي کاتي سنڌ 28هين نومبر تي رقم جاري ڪري ڇڏي آهي،دستاويزن موجب ڄاڻايل سمورين جاري ترقياتي 45 اسڪيمن لاء ناڻي کاتي 2 مهينا اڳ رقم جاري ڪئي پر ڪاليج ايجوڪيشن کاتي واري سيڪريٽري ان رقم جا ريز آرڊر جاري نه ڪيا آهن،سرڪاري ذريعن دعويء ڪئي آهي ته ڪميشن جي وڌيڪ وٺڻ جي چڪر سبب ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري ٻن مهينن کان رليز آرڊر روڪي ڇڏيا آهن ۽ سمورا ڊي آر اوز گوڏي هيٺ رکي ڇڏيا آهن جنهن سبب پرڳڻي جي گادي واري شهر ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم مڪمل بند ٿي ويو آهي،ٻي طرف اهي ڳالهيون پڻ گردش ڪري رهيون آهن ته صوبي جي چيف انجينئرز ۽ ٺيڪيدارن سڌي ريت سيڪريٽري جون اختيارين کي شڪايتون پڻ ڪيون آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ترقياتي بجيٽ روڪيندڙ سيڪريٽري کي هٽايو وڃي ڇاڪاڻ ته وقت سر رقم نه ملڻ ڪري جاري اسڪيمن تي ڪم سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ناڻون کاتو وڌيڪ رقم ان صورت ۾ جاري ڪندو جڏهن ٻه مهينا اڳ ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل رقم خرچ ڪئي ويندي

  1. سيڪريٽري وزير جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا

ڪراچي:تعليم کاتي سنڌ جي ڪاليجن واري شعبي جي سيڪريٽري تعليم واري وزير جي حُڪمن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي،  سرڪاري ذريعن موجب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي واري سيڪريٽري وٽ گذريل ٻن مهينن کان جاري ترقياتي اسڪيمن جي سوا ارب رپين جا ڊي آر اوز پيل آهن پر هن انهن تي رليز آرڊر جاري نه ڪيا آهن جنهن بابت تعليم واري وزير سيد سردار شاھ پڻ ڪاليج کاتي واري سيڪريٽري کي رليز آرڊر جاري ڪرڻ جو چيو آهي پر هن وزير جا حُڪم به ٿُڏي ڇڏيا آهن جنهن ڪري ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري جي تبديلي جا امڪان آهن

  1. ڪاليج ايجوڪيشن سيڪريٽري قانون جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون

ڪراچي:ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري قانون جون ڌڄيون اڏائيندي ترقياتي بجيٽ روڪي ڇڏي آهي،قانون موجب ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل رقم جا رليز آرڊر لاڳاپيل سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جاري ڪرڻا هوندا آهن پر ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري ٻن مهينن تائين رليز آرڊر جاري نه ڪري قانون جي لتاڙ ڪئي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.