دنيا جا تعليمي ادارا پنهنجي پنهنجي قومن جي سڃاڻپ هوندا آهن. جتي جيڪڏهن جيتري ترقي ۽ تعليمي معيار بهتر کان بهتر هوندو ته ان ڳالھه جو اندازو ٿيندو ته ان قوم وٽ تعليم ۽ تعليمي ادارن جي ڪيتري اهميت آهي. اهي پنهنجي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪندي ڪيئن نه انهن کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪي توڙي صوبائي تعليمي ادارن اندر ڪجھه مفاد پرست قوتن اسان جي تعليمي ڍانچي کي نقصان پھچائڻ کان وسان ڪين گھٽايو آهي. جيڪي ذاتي انا، ڏاڍ ڏهڪاءَ جو ماحول پيدا ڪري تعليمي ادارن اندر بادشاهت قائم ڪيون ويٺا آهن. تعليمي ادارن کي ذاتي ملڪيت ڄاڻي انهن کي لُٽڻ، ڦُرڻ ۽ ڪنهن ناريل جيان انهن جو اندر کائي انهن کي کوکلو ڪرڻ ۾ مصروف آهن. انهن قوتن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي، خود حڪومت پڻ ان سڄي عمل ۾ ملوث آهي.
سنڌ حڪومت پڻ جڏهن چاهي اسيمبلين مان بل منظور ڪرائي، آئين ۾ ترميمون ڪرائي ٻين ادارن جيان تعليمي ادارن اندر مداخلت ڪندي انهن کي پنهنجن اشارن تي هلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. انهي پس منظر ۾ هينئر ڳالهھ ڪجي ٿي سنڌ جي مختلف جنرل يونيورسٽين جي موجوده صورتحال جي جيڪا گذريل اٺن ڏينهن کان اتي جاري آهي. جتي استادن پاران ڪلاسن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. اهي استاد ڊاڪٽر، ۽ پروفيسر مختلف پريس ڪلبن توڙي روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن. اتي ٻين پارٽين ۽ اپوزيشن سان پڻ رابطي ۾ آهن. جيڪي اسان جي نئين نسل جي شعور جي آبياري ڪري رهيا آهن. سنڌ جي هزارين نوجوان شاگردن جو تعليمي نقصان ٿي رهيو آهي. جيڪي پنهنجي والدين توڙي هن سماج جو آئيندو آهن. جيڪي مختلف تڪليفون برداشت ڪري پنهنجو تعليمي سفر جاري رکي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته هن ايتري وڏي نقصان جو ازالو ڪير ڪندو ؟ تڏهن به هن وقت تائين ڪٿي به حڪومت نالي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. جيڪا استادن جا جائز مطالبا ٻُڌي ڪري انهن کي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي تدريسي عمل بحال ڪرائي سگھي.
ميڊيا تي اهي خبرون هلي رهيون آهن ته سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ بل پيش ڪري يونيورسٽين ۾ بيورو ڪريٽس، ججن، توڙي رٽائرڊ جنرلن کي وائيس چانسلرز طور ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿي. استادن جي تنظيم فاپواسا (فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيشن) جا سنڌ حڪومت کان جتي ٻيا مطالبا آهن اتي انهن پاران هڪ اهم مطالبو اهو به ڪيو ويو آهي ته ان بل کي فوري طور واپس ورتو وڃي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو استادن پاران جائز مطالبو ڪيو ويو آهي. ڇوته جيڪڏهن يونيورسٽين اندر اهي ماڻھو آندا ويا ته سنڌ جي تعليمي صورتحال اڳ ئي سڀني جي سامهون آهي. جيڪا اهو عمل ڪرڻ کان بعد وڌيڪ خراب ٿيندي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليمي بهتري چاهي ٿي ته تعليمي ماهر ۽ پروفيسر ان عهدي لاءِ اهل قرار ڏئي. هونئن ته سنڌ حڪومت استادن جي تعليمي معيار بهتر ڪرڻ توڙي انهن کي ترقي ڏيڻ لاءِ انهن کان ٽيسٽ وٺي انهن لاءِ ”ٽيچنگ لائسنس“ جو انعقاد ڪيو ويو. پر هڪ اڻ ڄاڻ ماڻھو جي حوالي ايڏا وڏا ادارا ڪيئن ٿا ڪيا وڃن ؟ ان ڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي ته پنهنجين تعليمي پاليسن تي نظرثاني ڪندي سنڌ جي تعليم تي رحم ڪيو وڃي ۽ اهو فيصلو واپس ورتو وڃي.