گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مسوڀرڳڙي جا بنيادي مسئلا حل ڪريو.

دنيا ۾ جتي جديد تعليم ڏني پئي وڃي ان جي ڀيٽَ ۾ اڄ جي هن سائنسي ٽيڪنالاجي جي ترقي يافته زماني ۾ يونين ڪائونسل مسوڀرڳڙي جو مين بوائز پرائمري اسڪول جنهن ۾ لڳ ڀڳ 360 شاگرد تعليم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ايندا آهن پر افسوس جو چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب هن اسڪول ۾ بجليءَ جو ڪو به جوڳو انتظام نه هئڻ ڪري اڪثر شاگرد بيمار ٿين ٿا.  اسڪول جي عمارت زبون هجڻ سبب ڪيترائي ڀيرا چاپڙ ڪرڻ جا واقعا پڻ پيش اچي چڪا آهن ان لاءِ استادن، شاگردن  توڙي والدين کي هر وقت  ڪو وڏو حادثو يا سانحو پيش اچڻ جو خوف رهي ٿو.

جَڏهن ته اسڪول ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو بندوبست نه هئڻ ڪري ٻارڙا هوٽلن ۽ دڪانن تان پاڻي پي گُذارو ڪن ٿا. انک ان علاوه فرنيچر جي کوٽ جنهن ۾ استادن جي ويهڻ جون ڪرسيون اڻپوريون ۽ ڇِنل آهن واش رومن ۾ پاڻيءَ جو ڪو بهبندوبست ناهي. ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي اعليٰ آفيسر ڪڏهن به هن اسڪول جي  خبر چار وٺڻ لاءِ لڙي  ناهن آيا.اسين وَسَ وارن کي اپيل ٿا ڪريون تههن اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڪري  معصوم شاگردن جي مستقبل کي بچايو.

يونين ڪائونسل مسو ڀرڳڙي جو عوام

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.