”ڀتا خوري نامنظور“ جيڪب آباد ۾ ٽول پلازا خلاف ڌرڻا

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد ۾ سياسي، سماجي، ديني، واپاري، قوم پرست تنظيمن ۽ شهرين پاران ٽول پلازا خلاف زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شھيد الله بخش پارڪ کان نڪتل ريلي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻي ۽ ڊي سي آفيس آڏو احتجاج  جي شڪل اختيار ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٽول پلازا نامنظور ۽ ڀتا خوري نامنظور جا نعرا هنيا. مظاهري جي اڳواڻي ڊاڪٽر اي جي انصاري، عبدالستار جاگيراڻي، علامه مقصود ڊومڪي، نديم قريشي، حاجي گل حسن سومرو، انتظار ڇلڳري، حاجي غلام نبي رند، ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ٽول پلازا ذريعي عوام کي لٽڻ جو سلسلو برداشت نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ ٽول پلازا قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي غيرقانوني ۽ عوام دشمن آهن. احتجاج دوران اعلان ڪيو ويو ته 28 جنوري کان روز ٻيڙي چوڪ تي بک هڙتال ڪئي ويندي، ڌرڻا ۽ هڙتال ڪئي ويندي ۽ ٽول پلازا خلاف جدوجهد جاري رهندي. اڳواڻن چيو ته ڪنهن به لولي پوپ يا ڌمڪي کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

  • ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي ٽول ٽيڪس اوڳاڙي خلاف  مزاحمت جو فيصلو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص-عمرڪوٽ سنگل روڊ تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٽول پلازا ٺاهي ڪري ٽول ٽيڪس اوڳاڙڻ خلاف ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي عوام، وڪيلن، سياسي، سماجي ۽ واپاري تنظيمن احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي. سياسي ۽ سماجي  اڳواڻن30 جنوري تي ٽول پلازا واري جڳهه تي ڌرڻي ۽ احتجاجي ريلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ميرپورخاص جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ عمرڪوٽ بار ڪائونسل پڻ ٽول ٽيڪس کي غيرقانوني قرار ڏيندي ان جي سخت مخالفت ڪئي. ، ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ واجد لغاري ۽ ٻين چيو ته سنگل ۽ ناقص حالتن ۾ موجود روڊ تي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران ٽول ٽيڪس اوڳاڙڻ عوام سان ظلم آهي. هنن ٽول پلازا کان اڳ ئي اوڳاڙي کي بند ڪرڻ ۽ روڊ کي ڊبل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاجي ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ ايڪشن ڪاميٽي پاران واپاري، مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ويون، قانوني جنگ وڙهڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.