فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽ ڪيس مان بري

ڪراچي (رپورٽر) اسپيشل بينڪنگ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ فريال ٽالپر کي ثبوتن ۽ حتمي چارج شيٽ جو مڪمل  جائزو وٺڻ کانپوءِ بري ڪري ڇڏيو. عدالت کي فريال ٽالپر خلاف ڪو ثبوت نه مليو ۽ عدالت اهو نتيجو ورتو ته ساڻس واڳيل 30 ملين رپين جي ڏيتي ليتي جائز ڪاروباري هئي، اها رقم سندس خانداني فارمن کان اومني گروپ شگر ملن کي ڪمند جي دستاويزي وڪري جو حصو هئي جنهن جي تصديق زرداري گروپ پرائيويٽ لميٽڊ تحت ڪئي وئي. جاچ جي بنياد تي فريال ٽالپر جو نالو چارج شيٽ جي ڪالم نمبر 2 ۾ رکيو ويو هو ۽ ان کي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نه موڪليو ويو طور مارڪ ڪيو ويو هو. عدالت ڪيس ۾ ٻين جوابدارن جي حيثيت جي به نشاندهي ڪئي. اسلم مسعود، نورين سلطان، ڪرن امان، نصير عبدالله حسين لوٽا ۽ سيد حسين فيصل شاهه ڄاموٽ سميت پنج جوابدار سرڪاري گواهه بڻجي ويا. جاچ دوران 6 جوابدار ڌار ڌار ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث نڪتا، سندن خلاف ڪارروائي ڌار شروع ڪئي وئي. بلال شيخ ۽ محمد اقبال آرائين ڪيس جي ٻڌڻي دوران لاڏاڻو ڪري ويا. سندن ڪيس بند ٿي ويا. ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽ ذريعي رقم منتقلي واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي فريال ٽالپر سميت 14 جوابدارن کي بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو. بيگناهه قرار ڏنلن ۾ اشرف جتوئي، شهزاد جتوئي، مرحوم بلال شيخ، اسلم مسعود، نورين سلطان، ڪرن آمنا، محمد مغيري، سيد حسين، حسن شاهه، نصير عبدالله، محمد اقبال نور ۽ ٻيا شمال آهن.  ڪيس ۾ جن جوابدارن جا نالا شامل آهن، انهن ۾ صدر آصف علي زرداري، حسين لوائي ۽ انور مجيد به شامل آهن. عدالت ايف آءِ اي پاران پيش ڪيل چالان کي منظور ڪندي بيگناھ ثابت ٿيندڙن جا نالا ڪيس مان ڪڍي ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.