حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پيڪا ايڪٽ کي اظهار راءِ جي آزاديءَ تي خطرناڪ وار قرار ڏيندي اهڙي ڪاري قانون خلاف ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ايڇ يو جي، جي نون چونڊيل عهديدارن جي تقريب، جنرل ڪائونسل ۽ حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران پيڪا قانون خلاف نڪتل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو ته شهباز شريف جي سرڪار آمرن جي رستي تي هلي پئي آهي، اسان ماضيءَ ۾ به ڪنهن ڪاري قانون کي نه مڃيو هو ۽ پيڪا ايڪٽ جي جوڙيل هن قانون کي به رد ڪيون ٿا. سنڌ سطح جو جرنلسٽس ڪنوينشن گهرايو ويندو، جنهن ۾ پيڪا ايڪٽ خلاف ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي ويندي. پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر چيو ته پيڪا قانون کي نٿا مڃون ۽ ان خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين. سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته پي ايف يو جي اظھار راءِ جي آزادي لاءِ تاريخي جدوجھد ڪئي آھي. منھاج برنا ۽ نثار عثماني ضياء جي دؤر ۾ مارشل لا جا بنياد لوڏي ڇڏيا ھئا. صحافين ڪوڙا کاڌا ۽ جيل ڀريا. ھن چيو ته اظھار راءِ جي آزادي بنيادي انساني حقن ۾ اچي ٿي، جنھن تي ڪوبه سوديبازي نٿي ڪري سگھجي. ايڇ يو جي جي اڳواڻ اقبال ملاح چيو ته اسين منهاج برنا جي صحافتي تحريڪ جو نئون روپ آهيون ۽ ڪنهن به حڪومتي ڏاڍ آڏو نه جهڪنداسين. ايڇ يو جي جي اڳواڻ جئي پرڪاش موراڻي چيو ته پاڪستان جا صحافي ڪنهن به ڪاري قانون کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، وسيم خان چيو ته اظهار راءِ جي آزادي تي حملو حقيقي جمهوريت تي حملو آهي، فريد لاکو چيو ته صحافت ۽ اظهار راءِ تي پابنديءَ جي نتيجي ۾ جهموريت لاءِ خطرا وڌي ويندا، جڏهن ته ايڇ يو جي جي نئين سال 2025 جي باڊيءَ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن موجب صدر وسيم خان، سينيئر نائب صدر ولي محمد لنڊ، نائب صدر عرفان برفت، جنرل سيڪريٽري فريد لاکو، جوائنٽ سيڪريٽري ون شفيع محمد جوڻيجو، جوائنٽ سيڪريٽري ٽو سميرا مختيار، خزانچي رمضان شورو، ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪائونسل اقبال ملاح، جئي پرڪاش موراڻي، جاني خاصخيلي، فرخ هڪڙو، خدا بخش بروهي، مقصود جوکيو، غلام رسول نهڙيو، رجب بوزدار، امام علي ڀلائي ۽ حسيب الرحمان بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. جڏهن ته ايڇ يو جي ضلعي ٽنڊو محمد خان يونٽ جو صدر غلام نبي ڪيريو، جنرل سيڪريٽري غلام قادر شورو، ايڇ يو جي ضلعي مٽياري يونٽ جو صدر الطاف ميمڻ، جنرل سيڪريٽري رياض چانڊيو، دادو يونٽ جو صدر گلڻ خان ڀنڊ، جنرل سيڪريٽري قربان ٻگهيو، ڄامشورو يونٽ جو صدر مظفر کوکر، جنرل سيڪريٽري عباس پالاري، ٺٽي يونٽ جو صدر منصور جلالاڻي، جنرل سيڪريٽري امين فاروقي، ٽنڊو الهيار يونٽ جو صدر امان الله کوکر، جنرل سيڪريٽري حسرت لغاري ۽ بدين يونٽ جو صدر سردار خان ڀٽي ۽ جنرل سيڪريٽري الطاف ميمڻ چونڊجي ويا.