اسلام آباد (م ڊ) انساني حقن جي عالمي اداري ايمنسٽي انٽرنيشنل خبردار ڪيو ته ملڪ جي سائبر قانونن ۾ پيڪا ايڪٽ 2025 ذريعي تازين تبديلين جو قانون ٺهڻ جي صورت ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل منظرنامي تي حڪومتي پڪڙ مضبوط ٿي سگهي ٿي. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڏکڻ ايشيا بابت ڊپٽي ريجنل ڊائريڪٽر بابو رام پنٽ بيان ۾ چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ تازي ترميم جي ٻنهي ايوانن مان منظوري جي صورت ۾ حڪومت جي پاڪستان جي اڳ کان ڪنٽرول ٿيل ڊجيٽل مواد تي پڪڙ مضبوط ٿي ويندي. هٿ ٺوڪين خبرن ۽ ڄاڻ ڏيندڙن خلاف ڏوهه شامل ڪيو ويو آهي. ايڪٽ ۾ نئين شق شڪي، غير واضح تشريح ۽ پيڪا جي مخالف آوازن کي دٻائڻ جي تاريخ ملڪ ۾ آن لائن اظهار جي آزادي جي حوالي سان خدشن کي جنم ڏئي ٿي. نئين ترميم پي ٽي اي کي اڳواٽ ڏنل اختيارن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.