بحريا ٽائون خلاف اخبارن ۾ اشتهار جاري

اسلام آباد(منصور علي خان) نيب پاران هڪ وک اڳتي وڌائيندي بحريا ٽائون خلاف اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيو ويوآهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اگر ڪنهن سان به بحريا ٽائون پاران فراڊ  دوکو ٿيوآهي ته  اهو نيب سان رابطو ڪري. پر جيڪڏهن اهو معاملو کليو ته  پوءِ ملڪ رياض کان وڌي پيپلزپارٽي تائين ويندو، سو ڇا نيب  بحريا ٽائون ڪراچي خلاف ايتري حد تائين ويندي؟ ٻئي پاسي پنجاب ۾ مريم نواز خلاف واٽس ايپ ۾ پوسٽ شيئر ڪرڻ تي گرفتاري ٿي آهي واٽس ايپ گروپ جي ايڊمن کي گرفتار ڪيو ويوآهي. اهو واقعو پاڪ پتن ۾ ٿيو آهي .پيڪا تحت هي پهريون ڪيس داخل ٿيوآهي. سو لڳي ائين ٿو ته اگر توهان جو ڪو گروپ آهي ڀلي توهان پوست شيئر نه ڪريو پر بطور گروپ ايڊمن توهان  پڪڙ ۾ اچي سگهو ٿا.

  • ”واعدا معاف گواهه“آصف زرداري کي ملڪ رياض جو کتو جواب

اسلام آباد(فخر دراني)ڪجهه مهينا اڳ ملڪ رياض سان دبئي ۾ صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪري کيس 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان خلاف واعدا معاف گواهه بڻجڻ جو پيغام پهچايو هو يا  خود ان حوالي سان مٿس زور ڀريو هو جنهن تي ملڪ رياض کيس جواب ڏنو ته توهان ڇا ٿا سمجهو ته مون تي واعده معاف گواهه بڻجڻ لاءِ هي پهريون موقعو آهي،ان کان اڳ توهان(آصف علي زرداري)۽ شريف ڀائرن خلاف به گواهه ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو،جيڪڏهن مون کي واعده معاف گواهه بڻجڻو هجي ها ته ان وقت توهان خلاف يا شريف ڀائرن خلاف بڻجي وڃان ها،نه مان ان وقت گواهه بڻجيس نه هاڻي بڻجندس،آصف علي زرداري کيس گهڻو سمجهايو ته پهرين حالتون ٻيون هيون هاڻي مختلف آهن،هن عمران خان جي حوالي سان ٻڌايو ته 9 مئي واقعن کانپوءِ عمران خان لاءِ سياست جا دروازا بند ٿي چڪا آهن جنهن تي ملڪ رياض جواب ڏنو ته جيڪڏهن مان عمران خان خلاف گواهه بڻجي ويس ۽ سڀاڻي جيڪڏهن هن جو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ٿي ويو ۽ هو وري حڪومت ۾ اچي ويو  هڪ ته عمران خان مون کي نه ڇڏيندو ۽ ٻيو هڪ رستو به کلي ويندو ان ڪري مان ڪنهن به صورت ۾ گواهه نه بڻجندس جنهن تي صدر زرداري کيس جواب ڏنو ته توهان جو پاڪستان اچڻ گهڻو مشڪل ٿي ويندو،ملڪ رياض جواب ڏنو ته مان پاڪستان نه ايندس مان واعدي معاف گواهه نه بڻجندس

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.