حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ سان هر دور ۾ ناانصافي ڪئي وئي آهي، سنڌ جي وسيلن ۽ روزگار تي ٻاهر کان آيل ماڻهو قابض آهي. شاهوڪار سنڌ جا سنڌي هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهن،هن چيو ته پ پ پ ڊگهي وقت کان مسلسل سنڌ مٿان حڪمران رهي آهي پر کيس سنڌ جي مسئلن سان ڪابه دلچسپي ناهي. سنڌ جي مٿان روز نوان نادر شاهي حڪم ناما جاري ڪري سنڌ جي مفادن خلاف فيصلا ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي زمينن تي مختلف پروجيڪٽن جي نالي ۾ قبضو ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي سنڌو درياهه پاڻي مٿان ڌاڙا هڻڻ جي لاءِ 6 ڪئنال جوڙيا پيا وڃن جنهن خلاف گذريل ٽن مهينن کي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌو کسجڻ نه ڏيندو ان لاءِ جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيڻا پيا تڏهن پوئتي نه هٽندا. ٻئي پاسي ڊاڪٽر قادر مگسي، ڄام عبدالفتاح سميجو ،گلزار سومرو ،حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو ،هوت خان گاڏهي،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري ،امتياز سمون ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ٻين 30 سيپٽمبر جي اسير ۽ اڳوڻي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر گلاب لسڪاڻي ۽ ايس ٽي پي تعلقي مٽياري جي اڳواڻ ميرڻ کوسو جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.