پارليامينٽرين جي پگهار ۾ 140 سيڪڙو واڌ، 5 لک 19 هزار ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار ۽ الائونس 140 سيڪڙو واڌ ڪري وفاقي سيڪريٽرين جي پگهارن برابر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن  موجب ڪالهه ناڻي واري ڪميٽي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايم اين ايز ۽ سينيٽرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايم اين اي ۽ سينيٽر جي پگھار ۽ الائونس 5 لک 19 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ اسپيڪر ڪميٽي جون سفارشون وزيراعظم شهباز شريف کي موڪلي ڇڏيون آهن، پگهارن ۽ مراعتن جي معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سميت ٻيون پارٽيون متحد آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي 67 ميمبرن به پگهارن ۾ واڌ جو لکت ۾ مطالبو ڪيو هو، ذريعن موجب سمورين ڪٽوتين کانپوءِ وفاقي سيڪريٽري جي پگهار ۽ الائونس 5 لک 19 هزار رپيا ماهوار آهي، هاڻي پارليامينٽ ميمبرن کي به وفاقي سيڪريٽري جهڙيون سهولتون ملنديون، پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبرن 10 لک رپيا ماهوار پگهار جو مطالبو ڪيو هو پر اسپيڪر اياز صادق 10 لک رپيا پگهار جي تجويز رد ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ ميمبرن جون پگهارون پنجاب جي ميمبرن جي برابر ڪيون وينديون، واضح رهي ته 16 ڊسمبر 2024 تي پنجاب اسيمبلي ۾ عوامي نمائندن جي پگهار بابت ترميمي بل 2024ع جي منظوري کانپوءِ ايم پي اي جي پگهار 76 هزار مان وڌائي 4 لک رپيا ڪئي وئي هئي ۽ صوبائي وزير جي پگھار 1  لک مان وڌائي 9 لک 60 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي پگهار 1 لک 20 هزار مان وڌائي 7 لک 75 هزار رپيا ڪئي وئي، پارلياماني سيڪريٽري جي پگهار 6 لک 65 هزار رپيا ڪئي وئي، پنجاب جي خاص مددگار جي پگھار به هڪ لک رپين مان وڌائي 6 لک 65 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته هن وقت قومي اسيمبلي جي هڪ ميمبر جي پگهار 2 لک 18 هزار رپيا آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اها پگهار وڌائي 5 لک 19 هزار رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.