ملاڻي ۽ ارباب انور زيادتي جو شڪار ٻارڙي وٽ پهچي ويا، مدد جي خاطري

مٺي/ ڪلوئي (نمائندا) پيپلزپارٽي ايم اين اي مهيش ملاڻي سول اسپتال پهچي مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ زيادتي جو نشانو بڻيل 5 ورهين جي  معصوم ٻارڙي جي عيادت ڪئي ۽ متاثر ٻارڙي ۽ سندس گهر ڀاتين کان تفصيل ورتا ۽ کين انصاف ۽ تحفظ ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جو چوڻ هو ته ٻارڙي جي ڊي اين اي ٽيسٽ سميت ٻيون قانوني توڙي ميڊيڪل جي حوالي سان سموريون گهرجون پوريون ڪري جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏيارينداسين، ٻارڙي جي علاج ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اسڪول جو وزٽ ڪري ننڍڙي جو سمورو خرچ ڀرينداسين، ٻي پاسي جي ڊي اي اڳواڻ ارباب انور جبار به مٺي پهچي متاثره ٻارڙي جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ ڪيس جو سمورو خرچ ڀرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٿر ۾ ڪنهن به نياڻي يا مظلوم سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏبي، سراڻ ڪالوني واقعو شرمناڪ آهي، معصوم کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هرممڪن مدد ڪندس ۽ جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ وارثن جي هر طرح جي مدد ڪئي ويندي، هوڏانهن واقعي خلاف ونگو موڙ تي ٽيل ايسوسيئيشن صدر محمد عثمان هالو، محمد عبدالرئوف نهڙيو ۽ علي بهادر لنڊ جي اڳواڻي ۾ مٺي بدين روڊ تي احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي ، هنن چيو ته هن وقت ڪلوئي تعلقي ۾ آئيس سميت ٻي منشيات جو ڪاروبار چوٽ چڙهيل آهي جنهن ڪري نوجوان تباهه ۽ اهڙي قسم جي ڇڙواڳي وڌي وئي آهي، هنن ايس ايس پي ٿرپارڪر، ڊي آءِ جي ميرپور خاص کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪلوئي مان منشيات جو خاتمو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.