زلف پيرزادو وڏو خال ڇڏي ويو آ،ايماندار صحافت جي کوٽ وڌي رهي آهي:ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) صحافي اڳواڻن روزاني عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادو کي آزاد، ايماندار صحافت ۽ روزاني عوامي آواز اخبار جو محنتي، سرخين ٺاهڻ ۽ خبرن کي تراشڻ جو ماهر صحافي  قرار ڏيندي چيو آهي ته مثالي صحافين، دانشورن، اديبن جي زندگيءَ ۾ ئي کين مڃتا ڏيڻ جا پروگرام منعقد ڪيا وڃن، اها ڳالھ ڪالهه شام جو سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل طرفان ڪائونسل جي هال ۾ زلف پيرزادو جي پهرين ورسي منعقد ڪرڻ ۾ زلف پيرزادو جي صحافت ۽ جدوجهد تي ڳالهائيندي ڪئي وئي،ان موقعي تي روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڳالهائيندي چيو ته زلف پيرزادو جي غير موجودگي جو روزاني عوامي آواز جي ڊيسڪ ۽ اخبار ۾ هڪ خال محسوس ٿي رهيو آهي هن جي گذاري وڃڻ سان اخبار جي جدت واري منصوبي جو سفر 5 سال پوئتي رهجي ويو آهي هن چيو ته اسان جي صحافت جي دنيا ۾ آزاد ۽ ايماندار صحافين جي کوٽ وڌي رهي  آهي،۽ هو اخبار جو مالڪ نه پر عوامي آواز جي زلف پيرزادو سميت سموري سٿ جو ساٿي آهي، جيڪڏهن اخبار جو مالڪ هجان ها ته مالدار هجان ها، پر عوامي آواز سنڌ جي عوام جو آواز بڻجڻ ڪري شديد مالي مسئلن ۽ ڌمڪين جو هدف ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نصرالله گڏاڻي ڪيس جي اڄ به اداري طرفان پوئيواري ٿي رهي آهي ۽ زلف پيرزادو جهڙي هڪ ٻئي صحافي جي به ضرورت آهي،هن وڌيڪ چيو ته عوامي ۽ سنڌ دوست انسانيت واري صحافت کي طاقتور رکڻ لاءِ زلف واري مزاحمتي صحافت کي اڳتي وڌائڻ گهرجي،سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي اڳواڻ غازي جهنڊير چيو ته زلف پيرزادو ۽ هن جي صحافتي، سياسي جدوجهد کي ياد ڪرڻ ۽ ان جون صلاحيتون نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي،صحافي اڳواڻ نعمت الله کهڙو چيو ته زلف پيرزادو عوام دوست، وطن دوستي سان سرشار صحافي هو، اهڙا ساٿي گهٽ پيدا ٿين ٿا،سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر مارئي پليجو چيو ته زلف پيرزادو جي پرورش هڪ انقلابي ڳوٺ ۽ ماحول ۾ ٿي هئي، هو سياسي سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين مان مايوس نه ٿيو هو ۽ هن پنهنجي گهر جي عورتن کي اڳتي وڌڻ لاءِ آزاد رستو ڏنو، روزاني عوامي آواز جي ايڊيٽر زرار پيرزادو چيو ته زلف پيرزادو خبرن جي سرخين ٺاهڻ جو ماهر هو، هن جي صحافت پويان انقلابي فڪر موجود هو، پر دنيا جدلي ۽ تاريخي ماديت جي اصولن موجب هڪ هنڌ رڪجڻ بدران اڳتي وڌي ۽ تبديل ٿيندي رهي ٿي، اسان کي ان ڳالهه تي وڌيڪ ڌيان رکڻ گهرجي ته نامور شاعرن، اديبن، صحافين ۽ دانشورن جون ورسيون ملهائڻ سان گڏ انهن جي زندگي ۾ ئي سالگرهه ۽ شامون ملهائڻ گهرجن،ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻ امتياز فاران چيو ته زلف پيرزادو ڪراچي جي لساني فسادن جي باوجود شهر کي نه ڇڏيو ۽ اڄ جيڪو نئون نسل سنڌي صحافت ۾ اچي رهيو آهي، انهن جي ميدان ٺاهڻ لاءِ زلف پيرزادو ۽ ٻين صحافين جون ڏنل قربانيون آهن،روزاني سنڌ جي چيف ايڊيٽر مهيش ڪمار چيو ته زلف بنيادي طور سياسي ڪارڪن، شاعر ۽ اديب به هو ۽ هو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر به رهيو هو،، جيل به ويو ۽ کيس ڦٽڪن جي سزا هن جي عمر ننڍي هئڻ ڪري نه ڏني وئي، صحافت سان هن جو تعلق هن جي سياست جو تسلسل هو،ڪالم نگار ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته ذلف پيرزادو جي صحافتي سفر کي وڌائڻ لاءِ مرندڙ صحافت ۾ جدت پيدا ڪرڻ لاءِ ان کي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي جيئارڻو پوندو، صحافي اعجاز شيخ چيو ته زلف ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو شڪار ٿي زخمي به ٿيو هو، سڌ سماءُ جي آفيسر سرور سميجو چيو ته زلف پيرزادو کي ٻلهڙيجي جي ماحول انقلابي ۽ منفرد صحافي بڻايو، ذلف پيرزادو جي گهر واري خالدہ زلف پيرزادو چيو ته هو ساڻس گهڻي محبت ڪندو هو،هن زندگيءَ جا 40 سال صحافت کي ڏنا پر ڪوبه ذاتي فائدو نه ورتو پر هن پنهنجي نياڻين کي بهتر تعليم ڏياري انهن جي انقلابي تربيت ڪئي. ان موقعي تي آمنه ابڙو، ڊاڪٽر خليل قاضي، عبدالله سروهي، الطاف پيرزادو، رفيق ڀٽو، شڪيل نائچ، ماڻڪ ڪنگراڻي، حميد سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌي صحافت کي زلف پيرزادو جهڙن ايماندار، بي باڪ ۽ دلير ۽ پيشه ورانه ماهر صحافين جي سخت ضرورت آهي،روزاني عوامي آواز سنڌ جو مضبوط ڪيس رکندڙ ۽ عوام جو حقيقي آواز آهي،هو موسيقي جو به ڄاڻو هو ۽  ڳايو به هو

  • سنڌ جي سرموڙ صحافي ڀاءُ زلف پيرزادو جي ياد ۾ اڄ حيدرآباد ۾ تقريب

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سرموڙ صحافي ۽ يگاني ڪردار عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر ڀاءُ زلف پيرزادو جي پهرين ورسي جي  موقعي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران اڄ منجهند جو 3 وڳي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تقريب ٿيندي. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ صحافي، اديب، ليکڪ، سياسي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند شرڪت ڪري ترقي پسند، روشن خيال، وطن دوست ۽ آدرشي صحافت کي زندگي ارپيندڙ نامياري صحافي زلف پيرزادو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.