لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته مريم نواز جي هوندي ٿيٽرز کي فحاشي جو اڏو بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري ٿيٽرز مالڪن ۽ آرگنائزز سان اهم ملاقات ڪئي جنهن دوران هن حڪومتي پاليسي کي واضح انداز ۾ بيان ڪيو.
هن چيوته پنجاب اهڙا ٿيٽرز ڊراما ٺهڻ گهرجن جيڪي ڪٽنب ڏسڻ اچن، ٿيٽرز ڊراما سماجي موضوعن تي هئڻ گهرجن، جنهن ذريعي عوام جي رهنمائي ٿئي.
سندس چوڻ هو ته جن ٿيٽرز ۽ اداڪارن کي فحاشي ڦهلائڻ جو شوق آهي اُهي پنجاب ۾ ڊرامي نٿا ڪري سگهن، پنجاب جا ٿيٽرز دنيا ۾ پنهنجي انوکي سڃاڻپ هوندي هئي، صوبائي حڪومت جلد ٿيٽرز لاءِ نئين قانونسازي ڪندي، ٿيٽرز مالڪ فيملي ڊراما ٺاهين حڪومت مڪمل سپورٽ ڪندي.
ههن چيو ته سڀني ٿيٽرز کي آخري وارننگ ڏني پئي وڃي، جنهن ٿيٽر رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي ان کي شوڪاز نوٽيس اُماڻيو ويندو پوءِ ڏنڊ لڳندو ۽ لائسنس رد ڪيو ويندو.
عظميٰ بخاري واضح ڪيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هوندي ٿيٽرز ۾ بي حيائي ۽ فحاشي جي اجازت نه ڏني ويندي.
ان کان اڳ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ عملي قدم کڄي رهيا آهن، پنجاب جي آبادگارن ڪسان ڪارڊ ذريعي 50 سيڪڙو يوريا جو استعمال ۽ 150 ارب رپين کان وڌيڪ زرعي مصنوعات خريد ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جي پوکائي جي سيٽلائيٽ ذريعي نگراني ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ خدمت جي سياست ڪئي پئي وڃي، رمضان نگهبان پيڪيج لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.
پنجاب جي سڌ سماءُ موجب، پنجاب ۾ هونهار اسڪالرشپ کانپوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ لک اسڪوٽيون فراهم ڪيون وينديون، مريم نواز تمام جلد شاگردن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏيندي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني کي 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ۾ سزا ملي، پي ٽي آءِ باني جي مقبول هئڻ جي دعويٰ عوام رد ڪري ڇڏي آهي، باني کي سزا تي ڪي پي مان گهڻا ماڻهو نڪتا، پي ٽي آءِ پاڻ اڪيلي روڊن تي نڪرڻ جي قابل ناهي.
عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته عوام تحريڪ انصاف جي اصل چهري کي سڃاڻي ورتو آهي، ڪي پي جي وڏي وزير کي پنهنجي صوبي جي عوام جو ڪو خيال ناهي.
You might also like