اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي جي فنانس ڪميٽي پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار ۽ مراعتن کي وفاقي سيڪريٽري جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، فنانس ڪميٽي ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پگهار ۽ مراعتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ قومي اسمبلي جي فنانس ڪميٽي متفقه طور تي منظوري ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم اين اي ۽ سينيٽر جي پگهار ۽ مراعتن کي 5 لک 19 هزار مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اسپيڪر فنانس ڪميٽي جون سفارشون وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن موڪليون.
ذريعن موجب، پگهارن ۽ مراعتن بابت پيپلز پارٽي، نون ليگ ۽ ٻين پارٽين جو ساڳيو موقف آهي ۽ پي ٽي آئي جي 67 ميمبرن پڻ پگهارن ۾ واڌ جو لکت ۾ مطالبو ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورين ڪٽوتين کانپوءِ وفاقي سيڪريٽري کي ماهوار پگهار ۽ الائونسز جي مد ۾ 5 لک 19 هزار رپيا ملن ٿا، هاڻي پارليامينٽ ميمبرن کي به وفاقي سيڪريٽري جي برابر سهولتون ملنديون.
پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ميمبرن ماهوار 10 لک رپيا پگهار جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته اسپيڪر اياز صادق 10 لک رپيا پگهار جي تجويز کي رد ڪري ڇڏي.
You might also like