شرابي مڙسن کان تنگ ٿي ٻن عورتن پاڻ ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو!

گورکپور (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ شرابي ۽ بدمزاج مڙسن کان تنگ اچي ٻن عورتن پنهنجو گهر ڇڏي هڪٻئي سان پرڻو ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هي واقعو ڀارتي رياست اترپرديش جي شهر گورکپور ۾ پيش آيو، جتي ڪويتا ۽ گنجا عرف ببلو شيوا نالي ٻن عورتن مقامي مندر ۾ شادي ڪئي.
رپورٽس موجب، ٻنهي جو انسٽاگرام تي هڪ ٻئي سان رابطو ٿيو ۽ اهي جلد دوست بڻجي ويون، شادي ڪرڻ فيصلي کان اڳ اهي 6 ورهين تائين هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهيون. ٻنهي عورتن ٻڌايو ته سندن مڙس ٿوري ٿوري ڳالهه تي کين مار ڪٽ ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا.
هڪ عورت ٻڌايو ته سندس مڙس شرابي آهي ۽ مٿس تشدد ڪندو هو، جنهن مان کيس 4 ٻارن جو اولاد پڻ آهي.
هن چيو ته ڪيترائي دفعا تشدد برداشت ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار هن پيڪين واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
ٻئي عورت دعويٰ ڪئي ته سندس مڙس به تمام گهڻو شراب پيئندو هو ۽ ان تي بي وفائيءَ جو ڪوڙو الزام لڳائيندو هو، جنهن سبب هن کيس ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ عورت چيو ته اسان پنهنجي مڙسن جي شراب نوشي ۽ بدسلوڪي کان تنگ ٿي چڪيون هيوسين، جنهن جي ڪري اسان سڪون ۽ محبت واري زندگي چونڊڻ تي مجبور ٿيوسين ۽ آخرڪار گورکپور ۾ هڪ جوڙي طور تي رهڻ جو فيصلو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.