سنڌ ۾ نيون اجرڪ واريون نمبر پليٽون لڳائڻ لازمي قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار گاڏين جي مالڪن کي نيون نمبر پليٽون لڳائڻ لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي.
ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو آهي ته 3 اپريل کان پوءِ صوبي ۾ نيون اجرڪ واريون نمبر پليٽس کانسواءِ گاڏين جي ڪا به نمبر پليٽ قابل قبول نه هوندي.
هن وڌيڪ چيو ته ون ونڊو آپريشن لاءِ ٽريفڪ پوليس کي سوڪ سينٽر ۽ فيسيلٽيشن سينٽرز تي ڪائونٽر فراهم ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ پوليس جي چيڪ پوائنٽس تان پڻ گاڏين جون نيون نمبر پليٽون مقرر وقت ۾ حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.
مڪيش چاولا وڌيڪ چيو ته واجب الادا چالان واري گاڏين جي ٽرانسفرز ۽ ٽيڪس ادائيگين کي چالان جي ادائيگين سان مشروط ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.