سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار توهينِ عدالت ڪيس، حڪمنامن ۾ تاريخن جي ڦيرڦار جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار توهينِ عدالت بابت انٽر ڪورٽ اپيل ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اعليٰ عدالت جي حڪمنامن ۾ ٻڌڻي لاءِ تاريخن جي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
ايڊيشنل رجسٽرار انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٿيل ٻڌڻي جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته بئنچز اختيارن وارو ڪيس 13 جنوري تي 27 تائين ملتوي ڪيو ويو هو.
انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ ايڊيشنل رجسٽرار چيو ته ان کانپوءِ مليل ٻئي حڪنامي ۾ ٻڌڻي جي تاريخ تبديل ڪئي وئي ۽ حڪمنامي ۾ ٻڌڻي 27 جنوري بدران 16 جنوري تي رکي وئي.
هن چيو ته 16 جنوري تي ٻڌڻي دوران هڪ جج ڄاڻايل بئنچ کان ڌار ٿي ويو.
ايڊيشنل رجسٽرار انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ چيو ته سندس خلاف شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي، هن کي ان معاملي ۾ قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، هڪ پاسي کيس عدالت شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ته ٻئي پاسي پريس رليز جاري ڪري مون کي ايس ڊي او بڻايو ويو.
ايڊيشنل رجسٽرار طرفان اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندس غلطي سبب ڪيس ريگولر بئنچ ۾ فڪس ٿيو، هن کي ان معاملي ۾ ٻٽي سزا ڏني وئي، شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ کان اڳ هن کي وضاحت ڏيڻ جو موقعو نه ڏيڻ سپريم ڪورٽ رولز 1980ع جي ڀڃڪڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته کيس شوڪاز جاري ڪرڻ کان اڳ ”نيچرل جسٽس“ واري اصول کي نظرانداز ڪيو ويو، تنهنڪري جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ڪالعدم ۽ رجسٽرار آفيس جو جاري ڪيل آرڊر به قانون جي خلاف قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.