جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) تعلقي ٺل جي دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي خاوند بخش کوسو ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان شفيع محمد جمالي قتل ٿي ويو، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب قتل جو واقعو جمالي برادري جي ٻن ڌرين سڱاوتي معاملي تي هلندڙ جهيڙي تان پيش آيو آه.
ي، مقتول جي وارثن موجب قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪريون پيا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آھن، آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي.