ڪمون شھيد ڀرسان سهري هٿان ننهن ۽ نوجوان قتل

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڪمون شهيد ڀرسان ڳوٺ قابل چاچڙ ۾ غيرت جي نالي تي ٻٽو قتل ٿي  ويو، جوابدار ڀورل چاچڙ ڪارنھن جي الزام ھيٺ فائرنگ ڪري پنهنجي 20 ورهين جي ننهن رضيه زال زمان چاچڙ ۽ نوجوان ماجد پٽ منير احمد چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو، اھڙي اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن ايس ايڇ اوٻاوڙو پوليس جي نفري ساڻ ڪري جوابدار ڀورل چاچڙ کي بندوق سميت گرفتار ڪري اوٻاوڙو ٿاڻي تي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.