حڪمران آمرن جيان بل پاس ڪرائي جمهوريت سان مذاق پيا ڪن: قادر مگسي

حيدرآباد (پ رس) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پيڪا ترميمي بل تي سخت خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته  موجوده حڪمران آمرن جيان اهڙا بل پاس ڪري جمهوريت سان مذاق ڪري رهيا آهن، جمهوري راڄ ۾ ڪنهن به بل کي منظور ڪرڻ کان پهرين ان کي بحث هيٺ آندو ويندو ۽ عوام جي راءِ کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي پر هي حڪمران رات جو قانون ٺاهي صبح ايوانن مان پاس ڪري آمريت جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن، هن چيو ته پيڪا ترميمي بل آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي پابندي جي برابر آهي، ان قسم جو قانون ملڪي آئين ۽ عالمي قانونن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي.

جنهن سان نه صرف آزاد صحافت جو آواز گهٽيو ويندو پر اظهار جي آزادي جو حق مڪمل کسيو ويندو، هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ان قانون کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.