صحافتي آزادي ضروري آهي پر احتساب به هجڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) جي هڪ وفد سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي   وزير شرجيل انعام ميمڻ سان، ڪي يو جي جي صدر حسن عباس ۽ جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جرار جي اڳواڻي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي يو جي جي اڳواڻن جو پرجوش استقبال ڪيو ۽ نئين چونڊيل باڊي کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران ڪي يو جي جي وفد پيڪا قانون بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. ڪي يو جي جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پيڪا قانون بابت صحافين جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي قربانين ۽ خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي، مشڪل وقت هجي يا سازگار حالتون، پيپلز پارٽي سدائين صحافين سان گڏ بيٺل رھي آهي. هن چيو ته صحافت جي آزادي ضروري آهي، پر صحافت ۾ احتساب سان گڏ ذميواري به هجڻ گهرجي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته صحافين جي مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. ملاقات جي موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان. ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات سليم خان به موجود هئا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.