ڪراچي( رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان نادر نبيل گبول چيو آهي ته ضلعي ڪياماڙي مان 200 ايڪڙ زمين وڪيلن کي الاٽ ڪئي پئي وڃي، نادر نبيل گبول سٽي ڪورٽ پهچي ڪراچي بار جي نون چونڊيل عهديدارن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڪراچي بار کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي بار جي وڪيلن سموري ملڪ ۾ پاڻ مڃرايو آهي،ڪراچي بار جي وڪيل سان گڏ آهيون، هن چيو ته اهيو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته ڪراچي بار کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن، اسان کي وڪالت جو تحفو قائدآعظم محمد علي جناح کان مليو آهي، هن چيو ته هن جو والد 2007 ۾ وڪيل سان گڏ بيٺو هو، جيڪڏهن وڪيل آزاد نه هوندا ته پو۽ ملڪ ۾ ڪير به آزاد نٿو ٿي سگهي, وڪيلن جي سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو ۽ ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو, ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته ملڪ ۾ پهريون مسئلو 26 هين آئيني ترميم آهي، ٻيو مسئلو سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ آهي، سنڌ کي اڳ ئي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جيڪڏهن 6 ڪينال ڪڍيا ويا ته سموري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو وڏو بحران پيدا ٿي ويندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سٽي ڪورٽ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو هڪ ڪنٽينر هجڻ گهرجي، سٽي ڪورٽ هزارن جي تعداد ۾ سائلين اچي رهيا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ وڪيل به موجود هوندا آهن، ماڻهن جي صحت جو خيال رکڻ لاءِ اين آءِ سي وي ڊي جو هڪ ڪنٽينر هئڻ ضروري آهي، عامر نواز وڙائچ نادر نبيل گبول کي مطالبو ڪندي چيو ته اسين چاهيون ٿان ته توهان جيترو به تعاون ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪريو.