اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ پيغام ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پي ٽي آءِ کي سپريم ڪورٽ يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن سينيئر ججن تي ٻڌل ڪميشن کانسواءِ ڪجهه قبول ناهي. هن بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض کي اپيل ڪئي ته هو ٻڌائي ته گذريل 30 سالن ۾ ڪهڙن ڪهڙن ججن، جرنلن ۽ سياستدانن کانئس پيسا ۽ ٻيا مالي فائدا حاصل ڪيا. هن اهي مطالبا ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيا. عمران خان ايڪس تي وڌيڪ لکيو ته ملڪ رياض جو تازو بيان آهي ته جيڪڏهن هو وات کوليندو ته گهڻن ماڻهن کي شرمساري کي منهن ڏيڻو پوندو، مان کيس درخواست ڪريان ٿو ته هو ٻڌائي. قوم کي خبر پئجي سگهي ته ڪهڙا چهرا گندگي ۾ ملوث رهيا آهن. هي سڀ جيڪي القادر ٽرسٽ ڪيس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪيترا کير جا ڌوتل آهن دنيا کي خبر هجڻ گهرجي.