اسلام آباد(م ڊ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سوا ڪلاڪ جي دير کانپوءِ شروع ٿيو، جيڪو مخالف ڌر جي احتجاج ۽ گوڙ سبب 18 منٽن کانپوءِ ملتوي ڪيو ويو، اجلاس ۾ حڪومت درآمدات ۽ برآمدات سميت 4 ترميمي بل منظور ڪرائي ورتا، جڏهن ته نيشنل اسڪولز يونيورسٽي سميت 4 ترميمي بلن کي ملتوي ڪيو ويو، قانونسازي صرف 10 منٽن ۾ اڪلائي وئي، اجلاس 18 منٽ هلڻ بعد 12 فيبروري تائين ملتوي ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جو گڏيل اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اعتراض واري نقطي تي اپوزيشن ميمبرن ڳالهائڻ جي اجازت گهري ته اسپيڪر مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي اپوزيشن ميمبرن بينچن تي ويهي احتجاج شروع ڪيو، مخالف ڌر جي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ سخت گوڙ ڪيو، احتجاج دوران واپاري تنظيمات ترميمي بل 2021، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ ترميمي بل 2023، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي بل 2024 ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلنس بل 2024 منظور ڪيا ويا، نيشنل اسڪولز يونيورسٽي اسلام آباد ايڪٽ 2018ع ۾ وڌيڪ ترميمن سميت 4 بل ملتوي ڪيا ويا، اجلاس ملتوي ٿيڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ پهتو.