ڳالهين واري ڪميٽي جو اڱاري تي اجلاس، پي ٽي آءِ جو انڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڳالهين واري ڪميٽين جوچوٿون اجلاس 28  جنوري 2025 تي طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو جيڪو ڏينهن جو پوڻي 12 وڳي پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي ڪمري نمبر ۾ پنج ان ڪيمره ٿيندو. ٻئي طرف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو هو ته ڳالهين جي بحالي تي ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڪميشن جو اعلان ڪري. عمران خان ڳالهين جي عمل کي في الحال روڪيو آهي انهي لاءِ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ايترو چئي ڇڏي ته ڪميشن بڻجي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.