سنڌ جي پاڻي ۽ ڪئنالن جو ڪيس عالمي سطح تي وڙھڻ جي آجيان ڪريون ٿا\حڪومت ۽ اپوزيشن ڳالھين ۾  غيرسنجيدگيءَ کان پاسو ڪن

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌ جي پاڻي جي وسيلن ۽ انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ ماهرن جي مدد سان سنڌ جو قومي ڪيس عالمي ادارن ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي اھڙو اعلان  حيدرآباد پريس ڪلب ۾سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد علي شيخ، ناصر جمال پٺاڻ ۽ عبدالستار هاليپوٽي ڪيو. ھو پريس ڪانفرنس ڪري  رھيا ھئا. سندن چوڻ ھو تھ  سنڌ سان پاڻي جي ورڇ ۾ ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ھنن جو چوڻ ھو تھ انڊس ڊيلٽا ۽ ماحولياتي  تحفظ لاءِ  ڊيلٽا ۾ مقرر مقدار ۾ تازو پاڻي ڇڏڻ جو منصوبو جوڙيو وڃي.ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ خاص  ۽ سخت قانون جوڙي انھن تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي

سانا اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ  کين سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ چولستان ۾ نون ڪئنالن  ڪڍڻ تي ڳڻتي آهي، 150 سالن کان سنڌ سان پاڻي جي وسيلن جي ورڇ ۾ ناانصافي ڪئي وئي آهي، هنن موجب ته سنڌ جي صورتحال 1991 واري پاڻي معاهدي کان پوءِ بدتر ٿي آهي.جنھن ۾ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ملي ناهي سگهيو، ان کان علاوه چولستان آبپاشي منصوبي لاءِ پاڻي جي فراهمي بابت پنجاب پاران پيش ڪيل انگ اکر نه رڳو غلط آهن، پر هو سنڌ جي حصي جو پاڻي به کڻندا رهيا آهن.

هنن چيو ته 1999 کان 2023 تائين ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي جو سراسري وهڪرو صرف 14 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو آهي، جيڪو هر سال 36.63 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن سان انڊس ڊيلٽا ۽ ان سان لاڳاپيل ايڪو سسٽم تباهه ٿي رهيو آهي ۽ تمر جا ٻيلا، انڊس ڊولفن ۽ سوين قسم جا جيوت پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن.هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ وڏي پئماني تي آبپاشي نظام ٺاهڻ مذمت جوڳو عمل آهي، اهو منصوبو نه رڳو سنڌ جي پاڻي جي حقن تي حملو ڪرڻ برابر آهي، پر مقامي ماڻهن جي زرعي نظام ۽ ماحول تي به منفي اثر وجهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته سانا سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ ماهرن جي پاڻي ڪانفرنس گهرائڻ سميت آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

اسان سانا جي اھڙي اعلان جي حمايت ڪندي سندن ڪوششن کي ساراھيون ٿا. لاڳاپيل ااختيارين پاران ھن اھم مسئلي تي سنڌ جي آواز کي دٻائڻ واري ڪوشش ۽ سنڌ جي ماڻھن جي احتجاج تي وفاق جو ايندڙ منفي رد عمل ظاھر ڪري ٿو تھ اھي سنڌ سان زيادتيءَ جاري رکڻ واري  روش تي  قائم آھن، جنھن جو نھ رڳو سنڌ پر ملڪ ۽ وفاق کي بھ نقصان ٿيندو

حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ھلندڙ ڳالھين ۾ خاصي ڊيگھھ ڪئي پئي وڃي، ظاھر طور تھ ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي کي ٿڪائڻ ۽ پاڻي ڪڇڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن.جنھن ڪري ميڊيا ۾ اھو خاصو دلچسپ موضوع بڻجي ويو آھي. ڳالھيون ڪندڙ ٻنھي ڌرين کي ڪنھن معاملي جي حل تائين پھچڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ جي مظاھر ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي.اپوزيشن اھو تاثر ڏنو ھو تھ سندن معاملا سيٽ ٿي رھيا آھن، ڪڏھن تھ حڪومت وري ان کي منھن ڏيڻ جي لاءِ اھو باور ڪرايو تھ ھنن جي پٺ بھ خالي نھ آھي ۽ کين پڻ “وڏن“ جي حمايت حاصل آھي.

9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن بابت عدالت ڪميشن جي مطالبي واري پوائنٽ تي تڪرار سامھون اچڻ جي ڪري ڌريون ھڪ ٻئي کان ڇرڪي ويون آھن.جڏھن تھ حڪومت اھڙي مطالبي کان صاف انڪار بھ نھ ڪيو آھي. وري ان وچ ۾ ئي پاڪستان تحريڪ انصاف ڳالھين جاري رکڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي.

ميڊيا جي شروعاتي خبر موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 28 جنوري تي 12:45 وڳي ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس سڏايو آهي.حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي پر انھن  شرڪت کان معذرت نه ڪئي آهي.حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڃا تائين ڳالهين ۾ شرڪت نھ ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاھ نھ ڪيو آھي.

ٻئي طرف، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ڳالهين ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ 28 جنوري تي ٿيندڙ ڳالهين جي اجلاس ۾ حصو نه وٺندي.

پي ٽي آءِ جي باني عمران خان 9 مئي تي عدالتي ڪميشن جي قيام ۾ ناڪامي تي حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو،بھرحال  پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو مشروط اشارو ڏنو آهي، جنهن ۾  جو چوڻ ھو تھ پھرين  ڪميشن ٺاهڻ جو  شرط  مڃيو وڃي.

پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ ڳالهين کان روڪي ڇڏيو آهي.ياد رهي ته اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو هو ته عمران خان حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون آهن ۽ حڪومت سان ڳالهين جو چوٿون دور نه ٿيندو.

ظاھري طور تي ٻنھي ڌرين طرفان ڳالھين جھڙي اھم معاملي تي غيرسنجيدگيءَ واري رويي سان عوام کي حيرانگي ٿي رھي آھي.جڏھن اھو سڀني کي سمجھه ۾ اچي رھيو آھي تھ ڪنھن بھ مسئلي جو حل ڳالھين ۾ ئي آھي تھ پوءِ ٿورو بردباري ۽ سھپ جو مظاھرو ڪندي ڳالھين کي اڳتي وڌائڻ گھرجي. ان ڪري جو ان کان سواءِ ھڪ ڌر جو ٻي کي شڪست ڏيڻ يا ھارائڻ واري ڳالھھ ڪنھن بھ ريت سونھين نٿي. اميد ڪجي ٿي تھ ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ ڌريون مثبت سوچ جو مظاھر ڪندي ڳالھيون جاري رکنديون، ان سان ئي سياست جي ميدان ۾ ڪنھن مثبت صورتحال جي پئدا ٿيڻ جو امڪان آھي.ٻي صورت ۾ ڇڪتاڻ سان سڀني کان وڌيڪ نقصان عام ماڻھو جو ٿي رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.